سپريم ڪورٽ عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس ناصرالملڪ عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي الزامن جي جاچ لاءِ پنهنجي سربراهي ۾ عدالتي ڪميشن قائم ڪري ڇڏي. چيف جسٽس ناصر الملڪ عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي جي الزامن جي جاچ لاءِ ٽه رڪني جوڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. جوڊيشل ڪميشن جي سربراهي چيف جسٽس ناصر المـُلڪ پاڻ ڪندو جڏهن ته جسٽس امير مسلم هاني ۽ جسٽس اعجاز افضل ڪميشن جا ميمبر هوندا. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن جو پهريون اجلاس اڄ ٻيپهري جو هڪ وڳي سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندو جڏهن ته ڪميشن 45 ڏينهن ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلين جي جاچ بابت پنهنجي رپورٽ وفاقي حڪومت کي پيش ڪندي. ياد رهي ته تحريڪ انصاف عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف اسلام آباد ۾ 124 ڏينهن تائين ڌرڻو هنيو هو جيڪو پشاور سانحي بعد ختم ڪيو ويو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ تحريڪ انصاف ۽ حڪومت وچ ۾ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحيون ڪيون جنهن بعد صدر ڪميشن قائم ڪرڻ لاءِ آرڊيننس جاري ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *