سپريم ڪورٽ طرفان 12  سالن کان گهٽ عمر جي ٻارڙن تي نائين ڪلاس ۾ داخلا تي پابندي

لاهور( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ 12 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارڙن تي نائين ڪلاس ۾ داخلا تي ٻيهر پابندي لڳائي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن پنجاب جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي وئي. ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ ڪئي. تعليمي بورڊ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پنجاب بورڊ آف انٽر مئڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ايڪٽ 1976ع تحت تعليمي بورڊ کي شاگردن جي عمر جي حد مقرر ڪرڻ جو اختيار آهي ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ بورڊ آف انٽر ميڊيٽ کي گهٽ عمر جي ٻارڙن کي نائين درجي ۾ داخلا ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي، فيصلي کانپوءِ نائين جماعت لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر جي حد وڌائي وئي آهي.  چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته تعليمي بورڊ ڪيئن ٻارڙن جي تعليم حاصل ڪرڻ جي عمر مقرر ڪري سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪو ٻار لائق آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته ان تي پابندي لڳائي وڃي پر اسان قانون هٿان مجبور آهيون. عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي 12 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارڙن جي نائين ڪلاس ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *