سپريم ڪورٽ طرفان الطاف حسين جي ميڊيا ڪوريج تي پابنديءَ وارو لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار

اسلام آباد(اي پي پي) سپريم ڪورٽ اڱاري ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ جي ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين جي بيانن کي نشر يا شايع ڪرڻ مٿان لڳايل پابنديءَ واري فيصلي کي برقرار رکيو آهي. جسٽس اعجاز افضل خان جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 7 سيپٽمبر 2015ع واري فيصلي خلاف دائر پٽيشن جي شنوائي ڪئي، جنهن ۾ ميڊيا مٿان الطاف حسين جي تقريرن ۽ بيان هلائڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي. شنوائيءَ دوران الطاف حسين جي وڪيل عاصمه جهانگير دليل ڏنا ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي طرفان سندس اصيل مٿان لڳايل پابندي اظهار جي آزادي، بنيادي حقن ۽ پاڪستان جي آئين جي ڀڃڪڙي آهي. هن پنهنجي دليل ۾ چيو ته اعليٰ عدالت کي لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو رد ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي ايڊيشنل اٽارني جنرل رانا وقار اعليٰ عدالت کي ٻُڌايو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو عبوري فيصلو ناهي تنهن هوندي به ڪيس عدالت ۾ التوا هيٺ آهي. اعليٰ عدالت قرار ڏنو ته درخواستگذار لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ان جي اڳوڻي فيصلي جي وضاحت لاءِ رجوع ڪري سگهي ٿو. بعد ۾ عدالت ڪيس اُڪلائي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *