سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ روڪي ڇڏي، منع نامو جاري

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ ڪراچي سوڌو سڄي سنڌ ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ خلاف منع نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي سوڌو سڄي سنڌ ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ لاءِ ڳجهي ووٽنگ خلاف سنڌ حڪومت پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي جسٽس گلزار احمد تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ڪئي. ان موقعي تي جسٽس گلزار احمد سنڌ سرڪار جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ کان سوال ڪيو ته ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ لاءِ ڳجهي ووٽنگ ٿئي ٿي ته توهان کي ان تي ڪهڙو اعتراض آهي؟ جنهن تي فاروق ايڇ نائڪ جواب ڏنو ته ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ جي حوالي سان سنڌ حڪومت جي بدديانتي ناهي، ان موقعي تي بينچ جي هڪ ميمبر جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن کي شفاف انداز ۾ قانون مطابق ڪم ڪرڻ ڏيو، ٻڌڻي دوران فنڪشنل ليگ جي وڪيل فروغ نسيم جو چوڻ هو ته سياسي پارٽين وچ ۾ اتفاق راءِ نه پيو ٿئي ۽ معاملو رڳو ووٽنگ جو ئي آهي، سنڌ حڪومت جو فيصلو اجائي آهي ۽ اها معاملي کي ٽنگڻ چاهي ٿي، جنهن تي جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت اهو معاملو تفصيل سان ٻڌڻ چاهي ٿي، جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ لاءِ ڳجهي ووٽنگ بابت منع نامو جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي  3 مارچ تائين روڪي ڇڏي. ٻئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ طريقيڪار خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن،  اٽارني جنرل ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس نور الحق قريشي ۽ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ اسلام آباد ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ طريقيڪار خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. عدالت چيف اليڪشن ڪمشنر سردار، سيڪريٽري، اٽارني جنرل ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا. هاءِ ڪورٽ، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *