سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ شراب جي وڪري تي پابنديءَ وارو هاءِ ڪورٽ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ ۾ شراب جي وڪرو تي پابندي جو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيئي ڇڏيو شراب وڪرو ڪندڙن سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ ۾ شراب جي وڪرو تي پابندي بابت اپيل داخل ڪئي هئي جنهن کي عدالت منظور ڪندي ان کي واپس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ موڪلي ڇڏيو جسٽس ثاقب نثار جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي سپريم ڪورٽ ۾ شاهد حامد ۽ عاصمه جهانگير پيش ٿيا دليل ٻڌڻ کان پوءِ عدالت حڪم ڏنو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ روزانو جي بنياد تي ٻڌڻي ڪري ڪيس کي جلد کان جلد اڪلائي ٻڌڻي دوران قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر رميش ڪمار موقف اختيار ڪيو ته هندو مذهبي ڪتابن ۾ شراب جو وڪرو ۽ شراب نوشي منعي آهي مذهب جي نالي تي شراب جو ڪاروبار ڪرڻ صحيح نه آهي ان تي جسٽس ثاقب نثار ان کي تنبيهه ڪئي ته رميش صاحب توهان کي بطور در تسليم نه ڪيو آهي توهان ويهي رهو جسٽس ثاقب نثار چيو ته اسان جي اڳيان قانوني معاملا آيا آهن شراب جو وڪرو جائز آهي يا ناجائز آهي اسان ان معاملي ۾ نٿا پوڻ چاهيون اسان اهو ڏسڻ چاهيون ٿا ته معاملو ڪيترو قانوني آهي ڊاڪٽر رميش پابندي برقرار رکڻ جي حق ۾ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي سپريم ڪورٽ اهو به چٽو چيو ته ان حڪم سان اهو تاثر نه ورتو وڃي ته عدالت شراب جي وڪري جي اجازت ڏيئي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *