سپريم ڪورٽ سنڌ ۾ اغوا وارڌاتن تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) ســُپريم ڪورٽ، سنڌ ۾ ڀنگ عيوض اغوا جي وارداتن بابت ڪيسن جو انگ وڌڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، عدالت، اهڙن ڏوهن جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻ بابت حڪومت کان جواب طلب ڪري ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. سنڌ ۾ ڀنگ عيوض اغوا ٿيندڙ ماڻهن جي ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت، سنڌ ۾ اغوا جون وارداتون وڌڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏنا ته اهڙن ڏوهن جي خاتمي  لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن، ان بابت عدالت کي ٻــُڌايو وڃي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته جڳهه جڳهه تي ڪئمرائون لڳائڻ سان ڏوهن جو خاتمو نه ٿو آڻي سگهجي، ان لاءِ اڃا وڌيڪ اثرائتا قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته ملڪ اندر فوجداري ڪيسن ۾ فنگر پرنٽس ٽيڪنالوجي تي ڪم نه پيو وڃي، شڪايت ڪندڙ ٻيهر پوليس وٽ نه ٿو پيش ٿئي ته اها سڌي ريت پوليس جي ناڪامي آهي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته پوليس ۾ سياسي بنيادن تي مقرريون ۽ بدليون ڪيون پيون وڃن. عدالت، اغوا جي وارداتن جي خاتمي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن ۽ ڏوهن واري سوچ ڪيئن ختم ڪجي، ان بابت عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي. عدالت، سنڌ ۾ اغوا جي ڪيسن جي ٻڌڻي مارچ جي ٽئين هفتي تائين ملتوي ڪندي قانون جي وفاقي سيڪريٽري، چئني صوبن جي سيڪريٽريز ۽ لا ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *