سپريم ڪورٽ سرڪاري ادارن جي سربراهن جي مقررين ۽ خالي پوسٽن بابت حڪومت کان 4 2 ڪلاڪن ۾ تفصيل گهري ورتي

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ ڪميشن ذريعي ٿيندڙ سرڪاري ادارن جي سربراهن جي مقررين ۽ خالي پوسٽن بابت حڪومت کان 4 2 ڪلاڪن ۾ تفصيل گهري ورتي. چيف جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ غلام رسول بنام فيڊريشن آف پاڪستان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي اٽارني جنرل آف پاڪستان عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پڇو ته ڪميشن ذريعي ڪيترن ادارن ۾ مقرريون ڪيون ويون آهن ۽ ڪيترن ادارن جي سربراهن جون مقرريون ناهن ٿي سگهيون ان تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته ڪجهه ادارن جي سربراهن جون مقرريون ڪيون ويون آهن جيڪي چيڪ ڪري ٻڌائي سگهجي ٿو ان لاءِ وقت ڏئي ڇڏيو، جسٽس امير هاني مسلم پڇو ته ٻڌايو وڃي ته مسابقتي ڪميشن جي جوڙجڪ ڪيئن ٿي ۽ ميمبرن ۾ ڪير ڪير شامل آهن ۽ ڪميشن ڪنهن جي حڪم تي جوڙي وئي آهي. اٽارني جنرل ٻڌايو ته فيڊرل ٽيڪس محتسب اهو هڪ ميمبر آهي شمس لاکو ۽ ڊاڪٽر اعجاز نبي ڪميشن جا ميمبر آهن اها ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي خواجا آصف ڪيس جي روشني ۾ جوڙي وئي آهي ۽ ان جو نوٽيفڪيشن اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جاري ڪيو هو. اٽارني جنرل آرٽيڪل 0 4 2 اي ۽ آرٽيڪل 2 4 2 جو تذڪرو ڪندي چيو ته ٻنهي ۾ مقرري جو معيار مختلف آهي، 0 4 2 اي تحت اٿارٽيز کي مقررين لاءِ پروسيجر موجود آهي جنهن کي فالو ڪرڻ ضروري آهي جڏهن ته 2 4 2 آرٽيڪل ۾ مقرريون ايف پي ايس سي ذريعي ڪيون وڃن ٿيون، بعد ۾ عدالت ٻڌڻي اڄ اربع ڏينهن تائين ملتوي ڪندي اٽارني جنرل کان اهم ادارن جي سربراهن جي مقررين بابت تفصيل گهري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *