سپريم ڪورٽ جي فيصلي جهانگير ترين جي عزت بچائي: پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو) سڌ سماءِ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته اين اي 154 بابت سپريم ڪورٽ فيصلو ٻڌايو آهي، عدالت جي فيصلي تي تنقيد تي کين افسوس آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جهانگير ترين جي عزت بچائي آهي….اسلام آباد ۾ عمران خان پريس ڪانفرنس جي ردعمل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته اين اي 154 بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي تحريڪ انصاف جي تنقيد تي کين ڏک پهتو آهي، صديق بلوچ جو ڪيس سچائي تي ٻڌل هو. پرويز رشيد چيو ته عدالت ۾ جهانگير ترين جي وڪيل دليل ڏيڻ کان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، سپريم ڪورٽ بار بار جهانگير ترين جي وڪيل کي دليل ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر ان دليل ڏيڻ کان پاسو ڪيو، بريف ۽ بريف ڪيس رکڻ وارن عدالت کان رڳو ڊگهيون ڊگهيون تاريخون گهرڻ شروع ڪري ڇڏيون.پرويز رشيد چيو ته صديق بلوچ جي ڊگري هائير ايجوڪيشن ڪميشن کان تصديق ٿيل آهي، سپريم ڪورٽ کي ڪيس جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ تي اسٽي آرڊر ڏيڻو پيو، سندن اميدوار سپريم ڪورٽ ۾ رڳو چونڊ وڙهڻ جي اجازت وٺڻ لاءِ ويو هو.هن چيو ته سپريم ڪورٽ پاڪستان جو اعليٰ ترين ادارو آهي، عمران خان ۽ جهانگير ترين عدالت تي تنقيد ڪري رهيا آهن، عمران خان ڪي پي ڪي جي چونڊ جهڙا نتيجا قبول ڪندو آهي، عمران خان ان چونڊ کي تسليم ڪندو آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ جو اميدوار ڪامياب ٿئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *