سپريم ڪورٽ جو هر فيصلو تسليم ڪيو ويندو: ن ليگ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ۾ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پاناما ڪيس بابت سپريم ڪورٽ جي ڪنهن به فيصلي کي تسليم ڪيو ويندو، جمعي تي سپريم ڪورٽ پاران پاناما ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪرڻ کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ پارٽي اڳواڻن جو اجلا س ٿيو جنهن ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا، نجي ٽي وي موجب اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي ڪنهن به فيصلي کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عدالتي فيصلو خلاف اچڻ جي صورت ۾ ڪنهن به قسم جي غلط بياني نه ڪئي ويندي ۽ سمورا قانوني ۽ آئيني آپشن استعمال ڪيا ويندا، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس دوران وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته عدالت تي اعتماد آهي ۽ عدالت مان بهتر فيصلي جي اميد آهي، ذريعن موجب شريڪ ٿيندڙن اپوزيشن پاران وزيراعظم جي استعيفيٰ جو مطالبو رد ڪندي چيو ته وزيراعظم چونڊيل وزيراعظم آهي ۽ ان کي عوام ۽ پارٽي جي مڪمل حمايت حاصل آهي، سمورا اتحادي وزيراعظم سان گڏ آهن، اجلاس ۾ سمورا وفاقي وزير شريڪ هئا، جڏهن ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *