سپريم ڪورٽ جو فيصلو آئين ۽ قانون جي موجب هوندو: مريم اونگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاناما ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو فيصلو ملڪ جي آئين ۽ قانون موجب هوندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته جي آءِ ٽي تي خدشا لڪيل ڳالهه ناهي ۽ سمورا ثبوت پاڪستان جي عوام جي سامهون ايندا، 3 عدالتن مان مفرور چونڊيل وزير اعظم کان استعيفيٰ گهري رهيو آهي، رپورٽ جي جلد نمبر 10 کولڻ جي درخواست شريف ڪٽنب ڪري رکي آهي، هر شئي کي پاناما سان جوڙڻ ختم ٿيڻ گهرجي. اعليٰ عدالت جو احترام هميشه قائم رهيو آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو پاڪستان جي آئين ۽ قانون موجب هوندو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي، وزير اعظم جي چوڌري نثار سان ڪنهن به قسم جي ناراضگي ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *