سپريم ڪورٽ جو سمورن وفاقي ادارن کي پنهنجون پاليسيون ۽ قانونن جو اردو ترجمو شايع ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ سمورن وفاقي ادارن کي پنهنجون پاليسيون ۽ قانونن جو اردو ترجمو شايع ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي سپريم ڪورٽ ۾ اردو کي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪئي ٻڌڻي جي موقعي تي جسٽس جواد ايس خواجه چيو ته بلوچستان پنجابي رائج ڪري ڇڏي جڏهن ته پنجاب نه ڪري ڇڏيو سمورا وفاقي ادارا پنهنجون پاليسيون ۽ قانون جو اردو ترجمو شايع ڪن سمورا وفاقي ادارا پنهنجا دستاويز  ۽ فارم انگريزي سان گڏ اردو ۾ به منتقل ڪن سيڪريٽري انفارميشن چيو ته وزيراعظم اردو جي آفيس ۾ استعمال جو انتظامي حڪم 6 جولا3 تي جاري ڪيو هو جنهن مطابق وفاقي حڪومت جا سمورا ادرا پنهنجون ويب سائيٽ ٽن مهينن ۾ اردو ۾ منتقل ڪري ڇڏيندا صدر وزيراعظم ۽ سمورا وفاقي وزير ملڪ اندر ۽ ٻاهر پنهنجون تقريرون اردو ۾ ڪندا عدالت وزيراعظم جي حڪم نامي تي اطيمنان جو اظهار ڪندي ڪيس جي ٻڌني ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *