سپريم ڪورٽ بلدياتي چونڊن بابت سنڌ ۽ پنجاب حڪومت جا جواب رد ڪري ڇڏيا

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ،مڪاني چونڊن بابت سنڌ ۽ پنجاب جا داخل ڪرايل جواب رد ڪندي ڪي پي ڪي کي بايو ميٽرڪ سسٽم تحت بلدياتي اليڪشن ڪرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ،چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هڪ مهينو مهلت ڏيڻ باوجود سنڌ ۽ پنجاب جي حڪومتن ڪي به قدم ناهن کنيا. سپريم ڪورٽ ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ناصرالملڪ جي سربراهي ۾ بينچ ڪئي. ٻڌڻي دوران مڪاني چونڊن بابت سنڌ ۽ پنجاب جي حڪومتن جو جواب رد ڪندي کين هدايت ڪئي ته ٻئي صوبا اليڪشن ڪميشن سان گڏجي بلدياتي چونڊن جو شيڊول طئه ڪن. چيف جسٽس ناصرالملڪ ان موقعي تي رمارڪسڏنا ته هڪ مهيني جي مهلت ڏيڻ باوجود سنڌ ۽ پنجاب صوبي جي حڪومتن ڪجهه به ناهي ڪيو. اعليٰ عدالت جو چوڻ هو ته تڪبندين ۾ صوبائي حڪومتن جو ڪو به ڪردار ناهي،انڪري ٻئي صوبا اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪري حڪمت عملي جوڙين. ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت ڪي پي ڪي پاران بلدياتي چونڊن بابت داخل ڪرايل جواب کي تسليءَ جوڳو قرار ڏيندي پشاور ۾ بايو ميٽرڪ سسٽم تحت ووٽنگ ڪرائڻ جي اجازت پڻ ڏني. ڪي پي ڪي حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ جواب داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته هو اپريل ۾ مڪاني چونڊن ڪرائڻ لاءِ تيار آهن. ڪي پي ڪي حڪومت پاران داخل ڪرايل جواب ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته مڪاني چونڊون لاءِ سڄي صوبي ۾ پولنگ هڪ ئي ڏينهن ڪئي ويندي. ڪي پي ڪي سرڪار موقف اختيار ڪيو هو ته پشاور ۾ بايو ميٽرڪ سسٽم تحت مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *