اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ اڊيالا جيل مان کنيل 11 قيدين جي معاملي ۾ نظرثاني جي درخواست رد ڪري ڇڏي، سومر ڏينهن جسٽس ميان ثاقت نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ طارق اسد طرفان لاپته ماڻهن جي بازيابي لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، درخواست ڏيندڙ طارق اسد موقف اختيار ڪيو ته ڄاڻايل ماڻهن کي عدالتي ٽرائل کانپوءِ آزاد ڪيو ويو، پر اڊيالا جيل کان ٻاهر ايندي سيڪيورٽي ايجنسيون کين کڻي ويون، عدالت ڪيترائي ڀيرا حڪم جاري ڪيا پر اڃا تائين سندن آزادي ممڪن ناهي ٿي سگهي، ان لاءِ عدالت جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست ڪئي آهي، عدالت چيو ته هر شخص کي جيئڻ جو ۽ آزاد رهڻ جو حق آهي، عدالت پهرين ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي، جيڪڏهن توهان درخواست مان ڪنهن نئين فيصلي جي اميد رکو ٿا ته اهو ٻڌايو، پوءِ ئي اسان نظر ثاني جي درخواست قبول ڪنداسين، پر توهان جي درخواست ۾ ڪا اهڙي شيءِ ناهي، جنهن تي طارق اسد چيو ته منهنجي درخواست ۾ توهان چيف سيڪريٽري جي رپورٽ ڏٺي، ان مان واضح ٿئي ٿو ته انهن کي کنڀيو ويو آهي ،عدالت چيو ته توهان تعميري تنقيد ڪيو، ادارن جي تذليل نه ڪيو، انهن ادارن جي ڪري ئي توهان جي به عزت آهي، سپريم ڪورٽ فيصلو ٻڌائيندي درخواست رد ڪري ڇڏي.