سپريم ڪورٽ اين اي 125 تي ووٽن جي نادرا کان تصديق ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ لاهور جي قومي اسيمبلي واري تڪ اين اي 125 تي ووٽن جي نادرا کان تصديق ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، سپريم ڪورٽ ۾ اين اي 125 تي ڌانڌلي ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ڪئي، ان موقعي تي عدالت اليڪشن ڪميشن کي اين اي 125 جي سڀني 265 پولنگ اسٽيشنن جي ڪائونٽت فائلن ۽ آڱوٺن جي نشانن جي نادرا کان تصديق ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، سپريم ڪورٽ نادرا کي ووٽ  جي تصديق ڪري ٽن مهينن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي،عدالت جو چوڻ هو ته ووٽن جي تصديق واري عمل تي ايندڙ سڄو خرچ تحريڪ انصاف جو اميدوار حامد خان ڀريندو، اهڙو حڪم جاري ڪرڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين روڪي ڇڏي، واضح هجي ته اين اي 125 تان مسلم ليگ (ن) سان لاڳاپيل وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ڪامياب ٿيو هو، جنهن جي ڪاميابي کي سندس مخالف تحريڪ انصاف جي اميدوار حامد خان اليڪشن ٽربيونل ۾ چيلينج ڪيو، مئي 2015ع ۾ اليڪشن ٽربيونل فيصلو ٻڌائيندي ان تڪ ۾ ٻيهر چونڊن جو حڪم  ڏنو، جنهن خلاف سعد رفيق سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو ۽ اڄ سپريم ڪورٽ ان درخواست تي فيصلو جاري ڪندي نادرا کي ووٽن جي تصديق جو ححڪم ڏنو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *