سپريم ڪورٽ ايان علي کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جو حڪم

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ پرڏيهي ڪرنسي ٻاهرين ملڪ اسمگل ڪرڻ جي ڪيس جي ملزمه ماڊل ايان علي کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي آهي جڏهن ته ايان علي جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ خلاف گهرو وزارت ۽ ڪسٽم انٽيليجنس پاران داخل درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن. گهرو وزارت کي ڪسٽم عملدارن پاران هي درخوستون سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف داخل ڪيون ويون هيون جنهن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ گذريل مهيني ايان علي جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏنو هو عدالت 6 اپريل تي انهن درخواستن جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو. سپريم ڪورٽ انهن درخواستن کي خارج ڪندي حڪم ڏنو ته ملزمه جي خلاف عدالتن ۾ التوا هيٺ ڪيس کي بنياد بڻائي ان جي چرپر تي پابندي عائد نٿي ڪري سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *