سپريم ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل جي خواجه سعد رفيق واري تڪ اين اي 122 بابت ٻڌايل فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ اليڪشن ٽربيونل جي خواجه سعد رفيق واري تڪ اين اي 122 بابت ٻڌايل فيصلي کي معطل ڪري ريلوي واري وفاقي وزير کي نئون جيئدان ڏئي ڇڏيو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ نه رڳو خواجه سعد رفيق بحال ٿي ويو آهي پر پي پي 155 تان ڪامياب ميان نصير به بحال ٿي ويو آهي. اليڪشن ٽربيونل اين اي 125 تان خواجه سعد رفيق جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏيندي اتي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن خلاف خواجه سعد رفيق سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي انهي فيصلي کي چيلينج ڪيو. خواجه سعد رفيق موقف اختيار ڪيو هو ته اليڪشن ٽربيونل جيڪو فيصلو ٻڌايو آهي ان ۾ اليڪشن ڪميشن جي عملي جي نا اهلي ثابت ٿي آهي، مٿس ڌانڌلي ثابت نه ڪئي وئي آهي، تنهنڪري سندس معطلي کي ختم ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان خواجه سعد رفيق جي درخواست تي اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو معطل ٿيڻ سان خواجه سعد رفيق جي اسيمبلي واري ميمبر شپ بحال ٿي وئي آهي، انهي تڪ تي ٻيهر چونڊن وارو حڪم معطل ٿي ويو آهي، گڏوگڏ پ پ 155 تان ميان نصير جي جيڪا ڪاميابي معطل ٿي هئي اها به پاڻمرادو بحال ٿي وئي آهي. جسٽس انور سعيد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ خواجه سعد رفيق جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس انور سعيد اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو معطل ڪندي اليڪشن ڪميشن کان اين اي 125 واري تڪ جو سمورو رڪارڊ به طلب ڪري ورتو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *