سي اين جي ۽ ايڪسپورٽ صنعت لاءِ گئس 33 کان 65 رُپيا في ايم ايم بي ٽي يو مهانگي، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (اين اين آءِ) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) سي اين جي، پاور سيڪٽر ۽ صنعتي شعبي لاءِ گئس مهانگي ڪري ڇڏي. اوگرا سيپٽمبر کان گئس مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن موجب گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس جي قيمت نه وڌندي. اوگرا چيو آهي ته ڪمرشل سيڪٽر، تندور ۽ سيمينٽ فيڪٽري لاءِ گئس مهانگي ناهي ڪئي وئي. نوٽيفڪيشن موجب سي اين جي ريجن ون لاءِ گئس 88 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ۽ ريجن 2 لاءِ سي اين جي 67 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مهانگائي ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪيپٽو پاور پلانٽس لاءِ گئس 66 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ۽ جنرل انڊسٽريل لاءِ گئس جي قيمت 33 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو وڌائي وئي آهي. فرٽيلائيزر لاءِ گئس جي قيمت ۾ 2 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ۽ پاور اسٽيشنز لاءِ گئس 33 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مهانگائي ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب پاور اسٽيشنز لاءِ گئس جي گهٽ ۾ گهٽ چارجز ۾ 518 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ ٿي آهي، آءِ پي پيز لاءِ به گئس 33 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مهانگي ڪئي وئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *