ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سي اين جي اگهه ۾ اضافي خلاف ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد سڀاڻي کان هڙتال جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته آن لائن ٽيڪس سروس ڪريم به ڀاڙن ۾ پنج سيڪڙو اضافي جو فيصلو ڪيو آهي. ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد جي صدر ارشاد بخاري چيو ته سي اين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي کانپوءِ بسون هلائڻ ممڪن ناهي، ڀاڙن ۾ اضافو بعد ۾ طئه ڪيو ويندو. هن چيو ته سي اين جي پمپس مالڪ هلڪي هلڪي اگهه وڌائي رهيا آهن. ٻئي طرف آن لائن ٽيڪسي سروس ڪريم به سي اين جي اگهن ۾ اضافي کانپوءِ ڀاڙن ۾ اضافي جو فيصلو ڪيو آهي. ڪريم سروس طرفان ڪراچي ڊرائيورن کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي ته سنڌ ۾ ٽيڪس وڌڻ کانپوءِ اضافي قيمت عوام کان اضافي ڀاڙن جي صورت ۾ ورتي وڃي.