سيڪريٽري تعليم خلاف سنڌ جي استادن جو ڪراچي ۾ ڌرڻو، لٺبازي، شيلنگ، ڪيترائي گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تعليم کاتي جي سيڪريٽري فضل الله پيچوهي کي هٽائڻ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ پ ٽ الف جي سڏ تي سوين استادن ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو، جڏهن ته سي ايم هائوس ڏانهن مارچ جي ڪوشش دوران پوليس استادن تي ڪڙڪي پئي، لٺبازي،شيلنگ ۽ واٽر ڪينن جي استعمال سبب ڪيترائي استاد زخمي ٿي پيا، چڪرين بعد پ ٽ الف جي مرڪزي صدر لياقت ديدڙ سميت 7 استادن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو. پرائمري ٽيچرس ايسوسيئشنجي سڏ تي مرڪزي صدر لياقت ديدڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين استادن ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. استادن تعليم کاتي جي سيڪريٽري فضل الله پيچوهي کي هٽائڻ لاءِ ٻن ڪلاڪن جي مهلت ڏني،جنهن کان پوءِ سي ايم هائوس ڏانهن مارچ شروع ڪيو. سوين استاد گورنر هائوس ويجهو ڦوهارا چوڪ تي پهتا ته پوليس اهلڪار ڏوهارين جيان مٿن ڪڙڪي پيا ۽ چڪريون شروع ٿيون. ان موقعي تي اهلڪارن، استادن تي لٺبازي ۽ شيلنگ ڪئي،جڏهن ته واٽر ڪينن جو استعمال ڪري کين ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي،جنهن دوران ڪيترائي استاد ساڻا ۽ زخمي ٿي ڪري پيا. پوليس جي لٺبازي،شيلنگ ۽ واٽر ڪينن جي استعمال سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، جڏهن ته پوليس پ ٽ الف جي مرڪزي صدر لياقت دَيدَڙ ۽ سڪندر جتوئي سميت 7 استادن کي گرفتار پڻ ڪيو. استاد پوليس جي بدترين تشدد باوجود سموريون رنڊڪون ٽوڙي سي ايم هائوس پهچڻ تائين ڪامياب ٿي ويا ۽ ڌرڻو هڻي ناانصافيءَ خلاف نعريبازي ڪئي. پ ٽ الف پاران ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ استادن تي تشدد خلاف اڄ اسڪولن جي تالابندي ۽ هڙتال جو اعلان پڻ ڪيو آهي. ٻئي طرف سنڌ جي تعليم واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته حڪومت استادن جي تشدد تي يقين نه ٿي رکي پر استادن کي به قانون جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، مسئلن جو حل ڳالهيون آهن  ان لاءِ استاد جائز مطالبا کڻي ڳالهين جي ميز تي اچن ته حڪومت سندس جائز مطالبا تسليم ڪرڻ لاءِ غور ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو آهي. نثار احمد کهڙو چيو آهي ته جمهوريت ۾ احتجاج ڪرڻ سڀني جو حق آهي پر استادن جي ريڊ زون ۾ پيش قدمي مناسب عمل نه آهي. هن چيو ته حڪومت ڳالهين تي يقين رکي ٿي ۽ ڳالهيون ئي مسئلي جو حل آهن جيڪڏهن استاد جائز مطالبا پيش ڪندا ته حڪومت سندس جائز مطالبن کي تسليم ڪرڻ لاءِ غور ڪندي. هن چيو ته استادن تي تشدد ۽ سندن گرفتارين جا حامي نه آهيون ان لاءِ گرفتار استادن کي آزاد ڪيو وڃي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *