سيڙپڪاري جي نالي تي ڪرپشن ۽ لکين مزدورن کي بيروزگار ڪيو ويو: سراج الحق

لاهور (م.ڊ) سراج الحق جو چوڻ آهي ته ادارا سيڙپڪاري جي نالي تي مڪاري۽ ڌوکو ٿي رهيو آهي، 3هزار ارب روپين جي ڪرپشن ۽ 7لک مزدورن کي بيروزگار ڪيو ويو آهي، ملڪ ۾ ٺيڪيداري ۽ بيگاري نظام آهي، مزدورن لاءِ ڪا به قانون سازي ناهي ڪئي وئي.جماعت اسلامي جي امير سراج الحق پهرين مئي مزدورن جي عالمي ڏينهن تي مزدورن جي همت وڌائڻ لاءِ لاهور جي ريلوي اسٽيشن پهتو، قولين سان ماني کاڌي، هن جو چوڻ هو ته ادارن جي سيڙپڪاري جي ڪري 7لکن کان وڌيڪ مزدور بيروزگار ٿيا جڏهن ته 3هزار ارب روپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪئي وئي، سيڙپڪاري جي نالي تي دوکو ٿي رهيو آهي.هن جو چوڻ هو ته 68 سالن کان ملڪ ۾ هلندڙ نظام خوشحال ماڻهن لاءِ ٺاهيو ويو آهي.فائدو ڏيندڙ ادارن کي ٽڪي پئسي ۾ وڪڻيو ويو، اسٽيل مل، پي آئي اي ۽ پي ايس او جي وڪڻڻ جي خلاف آهيون.انهن ادارن کي وڪامڻ نه ڏيندا سين، ڪو به اهڙو قانون  جنهن ۾ مزدورن جي نمائندگي نه هجي اهو قبول ناهي. سراج الحق چيو ته نعرن ۽ واعدن کانپوءِ به اڃان تائين ٻارن جي مزدوري وارو عمل جاري آهي، ٻار اسڪول وڃڻ بدران هوٽلن ۾ ٿانو ڌوئيندي ۽ سائيڪلن جي دڪانن تي پنڪچر لڳائيندي نظر اچن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *