سيوهڻ ۾ ٻن مسافر بسن جو سوزوڪي کي ٽڪر، 6 ٻارڙن سميت 10 ڄڻا اجل جو شڪار

سيوهڻ (اين اين آءِ) سيوهڻ ۾ انڊس هاءِ وي تي ٻن تيز رفتار بسن جو سوزوڪي تي ٽڪر جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا صبح جو سوير سن ويجهو انڊس هاءِ وي تي سامهون ايندڙ ٻه تيز رفتار مسافر بسون هڪ ٻئي کي اوورٽيڪ ڪري رهيون هيون ان دوران لاڙڪاڻي کان ڪراچي ايندڙ سوزوڪي گاڏي ٻنهي ڪوچن جي وچ ۾ اچي حادثي جو شڪار ٿي پئي نتيجي ۾ 10 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي جن ۾ 6 ٻارڙا 3 عورتون ۽ سوزوڪي جو ڊرائيور شامل آهي جڏهن ته لاش سن جي مقامي اسپتال منتقل ڪيا ويا حادثي ۾ فوتين جي سڃاڻپ ريشما، سائره، صائمه، ڪامل، احمد جميل، جمشيد، اقراء، اجوا، خشبو ۽ بدرالدين جي نالي سان ٿي آهي حادثي کان پوءِ ٻنهي مسافر بسن جا ڊرائيور فرار ٿي ويا جڏهن ته پوليس گاڏيون پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *