سيوهڻ ۾ ٻن روڊ حادثن جي نتيجي ۾ ۳ نوجوان فوت

سيوهڻ شريف(رپورٽر)  سيوهڻ ۾ ٻن روڊ حادثن جي نتيجي ۾ ۳ ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، سيوهڻ باءِ پاس انڊس هاءِ وي تي دادو کان ايندڙ تيز رفتار ڪار روڊ ڪراس ڪندڙ ٻن نوجوانن مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي نوجوان فهد ولد اقبال سولنگي عمر ۲٦ سال ۽ ياسر ولد لالو ملاح عمر ۲۵ سال موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، ڊرائيور ڪار ڇڏي فرار ٿي ويو، فوتين جي لاشن کي سيوهڻ اسپتال آندو ويو، جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻنهي نوجوانن جا لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ٻئي پاسي سيوهڻ جي لال باغ جي علائقي وٽ جهانگارا کان بوهه ڀري ڀان سيدآباد ويندڙ ٽرڪ جي مٿان ويٺل مزدور امداد ولد اربيلو جلباڻي عمر ۴۰ سال بريڪ لڳڻ سبب هيٺ ڪري ٽرڪ هيٺان اچي چيڀاٽجي مرڻينگ ٿي ويو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ اسپتال آندو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي فوتي جو لاش کڻائي ڀان سيدآباد سندس گهر پهتا ته ڪهرام مچي ويو ۽ وارثن کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا، پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي تحويل ۾ وٺي ۽ حادثي جي ابتدائي رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *