
سيوهڻ شريف (رپورٽر) سيوهڻ شريف جي ڀان سيدآباد واري علائقي ۾ ڪاروڪاري واري روايت برقرار، هڪ ٻي حوا ڄائي ڀاءُ هٿان ڪارنهن الزام هيٺ قتل، جوابدار علي گوهر روڌناڻي پنهنجي شادي شده ننڍي ڀيڻ 25 سالا مسمات آمنه کي سينه تي پستول سان فائر ڪري قتل ڪيو: پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي جوابدار ۽ پستول کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، لاش جي پوسٽ لاء سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو: قتل جو ڪيس پوليس اسٽيشن ڀان ڪيو ويو: تفصيل موجب سيوهڻ ڀرسان پوليس اسٽيشن ڀان سيد آباد جي ڀرسان ڳوٺ ابراهيم شاهه ۾ جوابدار علي گوهر روڌناڻي پنهنجي 25 سالا شادي شاده ڀيڻ مسمات آمنه کي پسٽل جا فائر ڪري ڪارنهن جي روايتي الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو، مقتول عورت جي ٻئي ڀاءَ شوڪت روڌناڻي ڀان پوليس کي اطلاع ڪيو جنهن تي ڀان سيدآباد پوليس موقعي تي پهچي لاش سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو ۽ جوابدار کي پسٽل سميت حراست ۾ وٺي قتل جو ڪيس ڀان سيدآباد ٿاڻي تي قلم 302 ۽ 311 تحت داخل ڪري جوابدار کي لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايڇ او ڀان سيدآباد محمد اشرف شاهاڻي ٻڌايو ته مقتوله جي ڀاءَ کيس سيوهڻ جي رهواسي سان تعلق رکڻ واري شڪ جي بنياد تي جذباتي ٿي ڪري پسٽل جو منهن پنهنجي سڳي ڀيڻ جي ڇاتيءَ تي کولي سڌو فائر ڪري ڏوهه ڪيو آهي جنهن جي جوابدار پاڻ قبولدار ڪئي ۽ سرڪار پاران فرياد داخل ڪري ڇڏيو آهي.