سيوني گهوش قتل ڪيس ۾ گرفتار، ضمانت تي آزاد

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪار سيوني گهوش قتل ڪيس ۾ گرفتاري بعد  ضمانت تي آزاد ٿي وئي. ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي اداڪارا ۽ سياستدان سيوني گهوش کي پوليس قتل ڪيس ۾ جاچ مڪمل ٿيڻ تي گرفتار ڪري ورتو پوليس سيوني گهوش کي گرفتاري بعد عدالت آندو  جٿي هن ضمانت لاءِ درخواست ڏني عدالت سندس ضمانت منظور ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو سيوني گهوش جو چوڻ آهي ته بي جي پي انتقامي ڪارروائي ڪندي گرفتار ڪرايو آهي هو ڪيسن کان ڍڄڻ واري ناهي عدالت ۾ ان کي منهن ڏيندي. واضح رهي ته سيوني گهوش ڪيترين ئي بنگالي فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي ان کان علاوا هو آل انڊيا ترنمول ڪانگريس جي اڳواڻ ۽ يوٿ جي صدر پڻ آهي

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *