سينيٽ ۾ عددي اڪثريت باوجود اپوزيشن کي وري شڪست، حڪومت اهم بل منظور ڪرائي ورتا

اسلام آباد (م.ڊ) سينيٽ اجلاس ۾ اپوزيشن کي اڪثريت هجڻ باوجود هڪ دفعو ٻيهر شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. حڪومت طرفان ايوان ۾ پيش ڪيل 3 بل منظور ٿي ويا.  رپورٽ موجب سينيٽ ۾ اڪثريت باوجود اپوزيشن کي هڪ دفعو ٻيهر شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. ايوان جي اندر اهم قانونسازي دوران اپوزيشن پنهنجي اڪثريت ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي جواب ۾ حڪومت ايوان مان آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي آرڊيننس ۾ ٻه ترميمون، اقرا الائيڊ هيلٿ پروفيشنل ڪائونسل بل سميت 3 اهم بل منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. اپوزيشن آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي ترميمي بل تي اعتراض اٿاريندي چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف جي چوڻ تي وفاق کان اختيار اٿارٽيز کي ڏئي رهي آهي. حڪومتي ميمبرن پنهنجي موقف ۾ چيو ته ان بلن جو مقصد اٿارٽيز کي بااختيار بنائڻ آهي. اوگرا ترميمي بلن تي حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ بي اعتمادي تي سينيٽ چيئرمين طرفان بلن کي ملتوي ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪرڻ تي اپوزيشن طرفان واڪ آئوٽ ڪيو ويو. اپوزيشن پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو معاملو ايوان ۾ اٿاريو پر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪرڻ سبب ان معاملي تي بحث نه ٿي سگهيو. مملڪتي وزير علي محمد خان بل جي لاءِ تحريڪ پيش ڪئي جنهن جي حق ۾ حڪومت طرفان 29 ووٽ مليا. اپوزيشن کي به مخالفت ۾ 29 ووٽ مليا جنهن تي سينيٽ چيئرمين مزاحيه انداز ۾ چيو ته ٻيهر مصيبت منهنجي مٿان اچي وئي. جنهن کان پوءِ سينيٽ چيئرمين پنهنجو ووٽ حڪومت کي ڏئي ڇڏيو. ايوان ۾ الائيڊ هيلٿ پروفيشنل ڪائونسل بل گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو ۽ بل جي مخالفت ۾ ڪنهن به نه ڳالهايو. ايوان ۾ حڪومتي بينچز تي ميمبرن جي اڪثريت کي ڏسندي چيئرمين پهريان کان ملتوي ڪيل اوگرا ترميمي بلن کي ايوان ۾ ٻيهر پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جنهن تي پيپلز پارٽي جي سينيٽر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني اعتراض اٿاريندي چيو ته هن بل کي سينيٽ چيئرمين ملتوي ڪيو آهي ان لاءِ هاڻ هن بل کي پيش نه ڪيو وڃي، جيڪڏهن بل کي ٻيهر پيش ڪيو ويو ته اسان ايوان مان واڪ آئوٽ ڪنداسين. ٻئي طرف ايوان ۾ مملڪتي وزير علي محمد خان طرفان آئل اينڊ گئس ريگوليٽري بل هڪ دفعو ٻيهر پيش ڪيو ويو جنهن تي اپوزيشن پارٽيون ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويون. اپوزيشن جي غير موجودگي ۾ ايوان اوگرا ترميمي(ٻئي ترميمي) بل جي منظوري ڏئي ڇڏي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *