سينيٽ ۾ به اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل اڪثريتي راءِ سان منظور، اپوزيشن جو احتجاج، گوڙ

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي کان پوءِ سينيٽ به اپوزيشن جي سخت احتجاج ۽ گوڙ جي باوجود اليڪشن ايڪٽ ۾ وڌيڪ ترميم ۽ نيب قانونن ۾ ترميم جو بل منظور ڪري ورتو جڏهن ته بل منطور ٿيڻ تي اپوزيشن سخت مخالفت ۽ گوڙ ڪندي ايجنڊا جي ڪاپي ڦاڙي ڇڏي ۽ اپوزيشن ميمبرن سينيٽ چيئرمين جي ڊائس جو گهيرو ڪري ورتو جمعي تي اجلاس دوران وفاقي وزير مرتصيٰ جاويد عباسي رٿ پيش ڪئي ته قانوني اليڪشن 2017 ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل اليڪشن (ترميمي)  بل 2022 قومي اسيبلي جي منطور ٿيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي ايوان ۾ رٿ پاس ٿيڻ کان پوءِ وفاقي وزير بل ايوان ۾ پيش ڪيو ڊاڪٽر شهزاد وسيم چيو ته اسان اورسيز پاڪستانين جي حق تي ڪنهن کي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين 90 لک پاڪستانين کي ووٽ جي حق کان محروم ڪيو ويو آهي هن چيو ته اي وي ايم مشين تي گهڻو ڪم ڪيو ويو آهي قانون واري وفاقي وزري چيو ته سينيٽ پارليماني ڪميٽي ان کي منظور ڪيو آهي اليڪشن ڪميشن چيو ته سينٽرل اوڀر ۾ پولنگ اسٽيشن قائم ڪرڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي وفاقي وزير چيو ته اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ سان ووٽ جي سيڪريسي برقرار نه رهندي هي قومي اسيمبلي کان ڇو ڀڳل آهن هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اورسيز پاڪستانين کي سيٽون رکڻ کان ڇو لنوائي رهيا آهن شهزاد وسيم چيو ته اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اسان هن بل جي حمايت ڪئي امپورٽيڊ طاقت جي نشي ۾ بلڊوز نه ڪيو وڇي سينيٽر شبلي فراز چيو ته تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي مان ۽ اعطم سواتي بل جي حمايت ڪئي هي اخلاقيات کان بلڪل خالي بل آهي هن چيو ته جنهن قائمه ڪميٽي ۾ هي بل پيش ٿيو ان ۾ ووٽ برابر هو اسان قومي اسيمبلي مان ڀڳا نه آهيون استيعفا ڏئي ڇڏي آهي شبلي فراز چيو ته ان کي شفاف چونڊون ڪڏهن به سوٽ نٿيون ڪن هي هميشه ڌانڌلي سان کٽي آيا آهن جنهن کان پوءِ چيئرمين سينيٽ بل شق وار منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو. ان موقعي تي پي ٽي آئي جي ميمبرن بل جي منظوري تي چيئرمين ڊائس جي سامهون احتجاج ڪندي بل ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *