سينيٽ ۾ اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل منظور، اپوزيشن جو احتجاج، ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙيون ويون

اسلام آباد(م.ڊ) سينيٽ اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل منظور ٿي ويو. حڪومت هڪ ووٽ سان بل منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ترميمي بل جي حق ۾ 44 ۽ مخالفت ۾ 43 ووٽ پيا. اپوزيشن اڳواڻ يوسف رضا گيلاني سينيٽ ۾ نه پهتو. رپورٽ موجب سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري وزير شوڪت ترين اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل پيش ڪيو. سينيٽ چيئرمين حڪومت جي حق ۾ ُوٽ ڏنو. اپوزيشن احتجاج ڪندي ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. مشاهد حسين ڪورونا ۽ نزهت صادق ڪئنيڊا ۾ هجڻ سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي. اي اين پي سينيٽر بل تي ووٽنگ ۾ حصو وٺڻ بدران ايوان مان نڪري ويو. اپوزيشن اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل جي منظوري ۾ سينيٽ چيئرمين کي ڌر قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته 4 اپوزيشن ميمبرز نه آيا، چيئرمين غير جانبدار هوندو آهي پر هن حڪومت کي ووٽ ڏنو .سينيٽ چيئرمين چيو ته آئون سهولتڪاري نه پيو ڪريان، حڪومت بل کي ايجنڊا ۾ نه رکيو ته ڇا ٿو ڪري سگهان. پ پ اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان اسٽيٽ بئنڪ بل جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سينيٽ اجلاس جي لاءِ اڌ رات جو جاري ٿيل ايجنڊا حڪومت جا لڪل مقصد بيان ڪري رهيو آهي. حڪومت آءِ ايم ايف کي ٻڌائڻ چاهي ٿي ته پارليامينٽ اسٽيٽ بئنڪ بل پاس ڪيو آهي. حڪومت قومي بحران وقت پاڪستان جي خودمختيار فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت کي به لڪائڻ چاهي ٿي. حڪومت اسٽيٽ بئنڪ جي خودمختياري بابت بل کي بلڊوز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. آءِ ايم ايف شرط رکي آهي ته مرڪزي بئنڪ پاڪستان کي ڪنهن به بحران ۾ پئسا نه ڏيندو. هاڻ قومي هنگامي حالتن ايستائين جو جنگ ۾ به مرڪزي بئنڪ کان پئسا وٺڻ جي اسان جي صلاحيت متاثر ٿيندي. مرڪزي بئنڪ کان قرض وٺڻ هر ملڪ ۾ بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ آخري حل هوندو آهي. اجلاس دوران اپوزيشن ايوان ۾ گوڙ ڪيو ۽ آءِ ايم ايف جو جيڪو يار آهي غدار آهي، غدار آهي جا نعرا لڳايا. اپوزيشن بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون ۽ ري ڪائونٽ جو مطالبو ڪيو پر سينيٽ چيئرمين اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *