سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين لاءِ سياسي جوڙ ٽوڙ جاري، پ پ ن ليگ لاءِ ڏکيايون پيدا ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ ۾ پارٽي پوزيشن واضح، پيپلز پارٽي جون 27، ن ليگ جون 26، ايم ڪيو ايم جون 8 ۽ تحريڪ انصاف جون 6 سيٽون ٿي ويون، سينيٽ چيئرمين لاءِ جوڙ ٽوڙ جاري، راجا ظفر الحق چيو آهي ته نئين چيئرمين جي مقرري جو فيصلو ٻين پارٽين جي مشاورت سان ٿيندو حڪمران پارٽي ن ليگ لاءِ سينيٽ جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ جو امڪان ايترا ئي آهن جيترا پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ ڪوارٽر فائنلز تائين پهچڻ جا، يعني ايئن ٿي به سگهي ٿو ۽ نه به، ڪجهه مخالف قابو ۾ اچي سگهن ٿا پر ڪجهه مخالف ٽف ٽائم به ڏئي سگهن ٿا، سينيٽ جي هاڻوڪي چونڊن ۾ واضح ڪاميابي جي باوجود ن ليگ لاءِ سينيٽ جي چيئرمين  شپ حاصل ڪرڻ آسان ناهي، 104 جي ايوان ۾ سادي اڪثريت لاءِ 53 جي انگ تائين پهچڻ مشڪل ڪم بڻجي ويو آهي جنهن تائين پهچڻ لاءِ ن ليگ کي وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي هن وقت ن ليگ جون رڳو 26 سيٽون آهن جڏهن ته سندس اتحادي جي يو آءِ ف کي 5، پي ڪي ميپ جون  3 ۽ نيشنل پارٽي جون 3 سيٽون ملائجن ته به اهي وڌي وڃي 37 ٿينديون هاڻ جيڪڏهن ان ۾ وڌيڪ ڇڙ وڇڙ 6 سينيٽرن کي ملائجي ته به اهو انگ وڌي 43 ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن اڳتي هلي فاٽا جي چونڊن ۾ اهي چار سينيٽر به ن ليگ سان ملي وڃن ته به اهو تعداد 47 ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن اڃان به وڏي جدوجهد کانپوءِ بلوچستان جون اڻڌريون پارٽيون بي اين پي عوامي، بي اين پي مينگل جون 3 سيٽون به کين ملي وڃن ته به اهو انگ وڌي 51 ٿيندو اڃان به ان جون 2 سيٽون کٽل آهن تنهن ڪري هن کي بهرحال هر حالت ۾ پيپلز پارٽي کان ساٿ گهرڻو پوندو جڏهن ته پ پ پاڻ سينيٽ جي اميدوار آهي. هوڏانهن پيپلز پارٽي جي لاءِ سينيٽ جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ نواز ليگ جي مقابلي ۾ سولي ڳالهه ڏسڻ ۾ پئي اچي جو انهن جون پنهنجون 27 سيٽون آهن جڏهن ته سندس اتحادي ايم ڪيو ايم جون 8 ۽ اي اين پي جون 7 ۽ ق ليگ جون چار سيٽون آهن جيڪو تعداد گڏجي 46 تي پهچي ٿو ۽ جيڪڏهن تازو کٽيل آزاد ميمبر به سندس ساٿ ڏين ۽ اختر مينگل به ساڻن گڏجي وڃي ته پوءِ ان لاءِ اها ڪا مشڪل ڳالهه نه هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *