سينيٽ چيئرمين لاءِ گهربل اڪثريت حاصل ڪرڻ جي دعويٰ، منهنجي خلاف سڀ ڪجهه وڏي منصوبابندي سان ٿي رهيو آهي: نواز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم نواشريف چيو آهي ته اڃا هڪ هارس ٽريڊنگ جو عملي نمونو ڏٺو ۽ رضا رباني جو سينيٽ چيئرمين طور نالو ان لاءِ ڏنو جو ايندڙ هارس ٽريدنگ کي روڪيو وڃي خميس تي احتساب عدالت ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته رضا رباني پنهنجو ڪم بهتر نموني سان ڪري ٿو ۽ مناسب ماڻهو آهي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هارس ٽريدنگ بابت قانون سازي ٿيڻ گهرجي جنهن لاءِ اسان تيار آهيون بلوچستان ۾ ٻه ٽي مهينا اڳ ئي هارس ٽريڊنگ شروع ٿي ويئي هئي جيڪا هڪ خراب روايت آهي ۽ ان کي ختم ٿيڻ گهرجي نوازشريف چيو ته اسان سينيٽ ۾ واحد اڪثريتي جماعت آهيون ۽ اسان جو حق آهي ته پنهنجو اميدوار ڏيون مولانا فضل الرحمان، محمود اچڪزئي ۽ حاصل بزنجو کي ملائي سٺو انگ بڻجي سگهي ٿو صحافي سوال ڪيو ته مولانا فضل الرحمان جي ته آصف زرداري سان وڏي دوستي آهي جنهن تي هن چيو ته مولانا فضل الرحمان اسان جو به گهاٽو دوست آهي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو ته 6 مهينن ۾ خبر نه پئجي سگهي ته مون مٿان الزام ڪهڙو آهي ڇهن مهينن ۾ مون مٿان ڪرپشن جو ڪو الزام نه لڳي سگهيو مون مٿان ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو 7 هي سڀ ڪجهه وڏي پلان تحت ٿي رهيو آهي رابرٽ ريڊلي کي وڏن ارمانن سان وٺي آيا هئاسين ۽ هو اسان جو ئي ڪيس ٺاهي هليو ويو ان کان پوءِ پنجاب هائوس اسلام آباد ۾ وڪيلن سان ملاقات دوران نوازشريف چيو ته مان 3 ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم رهجي چڪو آهيان جيڪڏهن مان ڪرپشن ڪئي هجي ها ته هن وقت تائين ثابت ٿي وڃي ها پر مون تي هڪ پئسي جي به ڪرپشن ٿابت ناهي ٿي ملڪ جڏهن به ترقي ڪرڻ شروع ڪندو آهي ته سازشون شروع ٿي وينديون آهن مون کي سي پيڪ ۽ موٽر وي ٺاهڻ جي سزا ملي رهي آهي مان ووٽ جو تقدس بحال ڪرڻ جي مشن تي نڪتل آهيان.

.ٻئي طرف  مسلم ليگ ن جي ڪميٽي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ لاءِ نامزد ڪيل اميدوارن جي ڪاميابيءَ جي دعويٰ ڪئي آهي. پنجاب هائوس اسلام آباد ۾ مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف جي سربراهيءَ ۾ پارٽيءَ جو مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ چار رڪني ڪميٽي پنهنجي رپورٽ پيش ڪئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اڪثر پارٽيون سينيٽ چيئرمين لاءِ نواز شريف جي تجويز جون حامي آهن ۽ هنن سينيٽ چيئرمين لاءِ حمايت جي خاطري ڪرائي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو ته مسلم ليگ ن کي سينيٽ ۾ گهربل اڪثريت حاصل ٿي وئي آهي، هاڻي مسلم ليگ ن آساني سان چيئرمين چونڊرائڻ جي پوزيشن ۾ آهي. نواز شريف ڪميٽي جي رپورٽ تي اعتماد جو اظهار ڪيو  جڏهن ته آصف علي زرداري طرفان رضا رباني جو نالو رد ڪرڻ تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جمهوريت کي مضبوط ۽ پارليامينٽ کي بالادست ڪرڻ چاهيون ٿا. ذريعن موجب رپورٽ جي روشني ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته چيئرمين جو تعلق مسلم ليگ ن ۽ ڊپٽي چيئرمين جو تعلق اتحادي پارٽي سان ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *