سينيٽ چيئرمين خلاف رٿ، مخالف ڌر طرفان 60 سينيٽرن جي حمايت جي دعويٰ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيشنل عوامي پارٽي جي سينيٽر حاصل بزنجو چيو آهي ته حڪومت کي رڳو 33 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي ۽ مخالف ڌر وٽ 66 ميمبر آهن. اسلام آباد ۾ مخالف ڌر اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر حاصل بزنجو جو چوڻ هو ته صادق سنجراڻي حڪومت ۽ مان مخالف ڌر جي نمائندگي ڪري رهيو آهيان ۽ سينيٽ چيئرمين وارو معاملو نه بلوچ جو مسئلو آهي نه بلوچستان جو، اجلاس سڏايو وڃي ۽ ووٽنگ ڪئي وڃي ته جيئن اڪثريت جو پتو پوي، حڪومت کي رڳو 33 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي ۽ مخالف ڌر وٽ 66 ميمبر آهن. حاصل بزنجو چيو ته اسان جي رٿ منظور ٿي يا نامنظور اسان کي ناهي ٻڌايو ويو ۽ ڪالهه واري گڏجاڻي ۾ مخالف ڌر جي 55 سينيٽرن شرڪت ڪئي، سڀاڻي وري گڏجاڻي ٿيندي، اميد آهي ته اسان کي 60 کان وڌيڪ ووٽ کڻنداسين.  سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ دير آئين جي ڀڃڪڙي هوندي، حڪومت ڪو به حربو استعمال ڪري وٺي مخالف ڌر نه  وڪامندي نه جهڪندي. جي يو آءِ ( ف ) جي سينيٽر غفور حيدري چيو ته اسان جو ٽارگيٽ حڪومت آهي، اسان جي جيڪڏهن ڪنهن سان دشمني آهي ته اها هاڻوڪي حڪومت سان آهي، پنهنجو سينيٽ چيئرمين آڻڻ اسان جو آئيني حق آهي، ڪالهه واري اجلاس ۾ اسان جي واضح اڪثريت هئي. پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان جو چوڻ هو ته نمبرن کان انڪار ڪري هي زوري زبردستي اهو عهدو رکڻ چاهن ٿا، حربا استعمال ڪرڻ سندن بدنيتي آهي، چيئرمين چئي رهيو آهي ته توهان مونکي نٿا هٽائي سگهو پر پارليامنٽ اڪثريت جي بنياد تي هلندي آهي. سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ راجا ظفر الحق چيو ته سينيٽ چيئرمين جي خط جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، اسان خط لکيو آهي ته توهان عدم اعتماد واري رٿ واري اجلاس جي صدارت نٿا ڪري سگهو، ڊرافٽ اڳوڻي چيئرمين رضا رباني لکيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *