سينيٽ چيئرمين جي چونڊ بلاول جي غلطي هئي: مريم نواز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته سعد رفيق جي غلطي آهي جو هن نالائق اعظم جي خلاف 2 ڀيرا اليڪشن وڙهڻ جي جرعت ڪئي، خواجا ڀائرن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. خواجا ڀائرن جي وارثن سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان کي اميد هئي ته سڀاڻي سلمان رفيق ۽ سعد رفيق جي ضمانت ٿي ويندي، سلمان رفيق کي دل جو مرض آهي ۽ سندس طبعيت به بهتر ناهي. بلاول ڀٽو سان ملاقات بابت سوال تي مريم نواز چيو ته بلاول ڀٽو سان سينيٽ جي چيئرمين جي تبديلي، اِن هائوس تبديل ۽ حڪومت جي خلاف احتجاج تي ڳالهيون ٿيون، جلد ئي مخالف ڌر پارٽين جي اي پي سي ٿيندي ۽ ان ۾ سمورن معاملن تي ڳالهيون ٿينديون. سندس چوڻ هو ته هن نااهل ۽ نالائق حڪومت جي ڪري عوام تي جيڪا ڏکيائي آئي آهي، هنن کي انهن ڏکيائين مان ڪڍڻ جي لاءِ حڪوتم جي خلاف مزاحمت ڪرڻ تي به بلاول سان ڳالهيون ٿيون هيون. اڳوڻي وزير اعظم جي ڌيءَ جو چوڻ حو ته منهنجو اِهو ئي خيال آهي ته مخالف ڌر پارٽيون حڪومت جي پاليسين جي خلاف عوام جي مئسلن جي درست  عڪاسي ناهن ڪري رهيون، جيڪڏهن هو عوام جي اميدن تي پورو نه لهنديون ته انهن کي به جلد عوام جي غيظ عضب کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته مون وٽ ڊڄڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، اسان جڏهن کان سياست شروع ڪئي تڏهن کان سزائون ڪاٽي رهيا آهيون، مون سڀ ڪجهه ڏسي ورتو آهي، منهنجو سڄو شيڊول تيار آهي ۽ هاڻ آئون عوام ۾ نڪرنديس. وفاقي بجيٽ تي تبصرو ڪندي مريم نواز جو چوڻ هو ته بجيٽ جي ڪري عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهجي چڪو آهي، عام ماڻهو جي زندگي ڏکيائين جو شڪار ٿي وئي آهي. بجيٽ کي جيڪو منظور ڪرائيندو اُهو عوما جي عدالت ۾ ڏوهاري هوندو. هن چيو ته حڪومت کي بجيٽ منظور ڪرائڻ ۾ ڏاڍين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو پوي ڇو ته جهڙي ريت مخالف ڌر جي ميمبرن کي ڳولي ڳولي گرفتار ڪيو پيو وڃي، وٺ وٺان ڪئي پئي وڃي، ان مان اِهو ئي ٿو لڳي ته حڪومت کي خدشو آهي ته بجيٽ منظور نه ٿي سگهندي.، ان موقعي تي مخالف ڌر کي گهرجي ته هو حڪومت ٽف ٽائم ڏئي. قومي ترقياتي ڪونسل جي جڙڻ بابت سوال تي هن چيو ته ڪونسل بڻائڻ جو فيصلو سمجهه کان ٻاهر آهي، پارليامينٽ ۽ ٻيا چونڊيل ادارا موجود آهي ته پوءِ ان جي ڪهڙي ضرورت هئي. آصف زرداري جي گرفتاري بابت سوال تي مريم نواز صحافي کي مخاطب ڪندي چيو ته مون کي اهڙي قسم جي سوالن جا جواب ڏيڻ سٺي نموني ايندا آهن، جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي آهي، ڪا ڪرپشن ٿي آهي ته گرفتار ٿيڻ گهرجي، پر نيب جو ڪردار ان حوالي سان تڪراري آهي، نيب کي پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي ماڻهن کي معاملا پري کان نظر ايندا آهن،  ۽ بنا ثبوتن جي گرفتاريون به ڪيون وينديون آهن. هن وڌيڪ چيو ته پر عليمه خانم جي معاملي ۾ نيب خاموش آهي، هن کان سندس دولت ۽ ملڪيت بابت ڪي به سوال ناهن ڪيا ويندا حالانڪ هو ڏنڊ ڏئي پنهنجي ڪرپشن جو اعتراف ڪري چڪي آهي. هن هڪ سوال تي چيو ته اسان کي حق جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، اِها حڪومت ووٽ چوري ڪري آئي آهي ته اسان کي ان کي ووٽ چور چوڻ گهرجي، عوام ڏکيائين ۾ آهي ان جو سڌو اظهار ڪرڻ گهرجي ۽ ان تي احتجاج ڪرڻ گهرجي. سينيٽ چيئرمين جي تبديلي جي باري ۾ سوال تي مريم نواز چيو ته سينيٽ چيئرمين کي چونڊيندڙن جي حوالي سان جيڪڏهن بلاول ڀٽو کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿي ويو آهي ۽ هو ان کي سڌارڻ چاهي ٿو ته اِها سٺي ڳالهه آهي. گرفتارين بابت سوال تي هن چيو ته عمران خان چاهي ته مخالف ڌر جي ميمبرن کي به اندر ڪري ڇڏي پر پوءِ به ان جي حڪومت نه هلندي، سندس واڌ ويجهه ڪنٽينر واري ماحول ۾ ٿي آهي، هو اڃان به ان ماحول مان ناهي نڪري سگهيو. هڪ صحافي آخر ۾ وينا ملڪ بابت سوال ڪيو ته مريم نواز چيو ته اهڙي قسم جا سوال رڳو وقت ضايع ڪرڻ جي لاءِ هوندا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *