سينيٽ چونڊ لاءِ هاڻي کان ئي ووٽن جا ريٽ لڳي ويا آهن، حقيقتون پڌريون ڪنداسين: شبلي فراز

اسلام آباد (اين اين آءِ) حڪومت سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ جي ذريعي ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي پارليامينٽ ميمبرن بڻائڻ جو حق ڏيڻ جي لاءِ چونڊ سڌارن جو آئيني ترميمي بل پارليامينٽ ۾ آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ جو چوڻ هو ته سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ جي ذريعي ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي پارليامينٽ ميمبر بڻائڻ جو حق ڏيڻ لاءِ چونڊ سڌارا آئيني ترميمي بل آڻي رهيا آهيون. بل جي پهرين حصي ۾ سنگل ووٽ جي بدران اوپن ووٽ جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو لڪي ڪارروائي ڪندا آهن اُهي آئيني ترميم جي حمايت نه ڪندا. ترميم کان پوءِ جنهن وٽ ٻٽي شهريت هوندي اُهو چونڊ وڙهندو. اليڪشن کٽڻ کان پوءِ حلف کڻڻ کان اڳ پنهنجي شهريت ڇڏڻي پوندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته تحريڪ انصاف ان ڳالهه جي قائل آهي ته سينيٽ چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن ڀلي ان جي ڪهڙي به قيمت ادا ڪرڻي پوي. سندس چوڻ هو ته اسان گذريل چونڊن ۾ 20 صوبائي اسيمبلي ميمرن کي غلط ووٽ ڏيڻ جي شڪ ۾ پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو هو. مخالف ڌر مان اميد رکون ٿا ته هو ميثاق جمهوريت جي تحت سينيٽ جي شفاف چونڊن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. بابر اعواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته سينيٽ ۾ اسان جون سيٽون گهٽ هجن يا وڌيڪ،  چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن.  شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي حڪومت صحافين ۽ انهن جي نوڪرين جي تحفظ جي لاءِ سينيٽ ۾ بل آندو پر مخالف ڌر پارٽين پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن مخالفت ڪندي ان کي رد ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته هڪ ٻه ڏينهن اڳ سينيٽ ۾ پرائيويٽ ميمبر بل کي رد ڪيو ويو جنهن جي اسان ڀرپور مذمت ڪيون ٿا، ان بل سان اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا ته ورڪرز جي پگهارن ۽ نوڪري سان سلهاڙيل معاملن کي هڪ ترتيب ۾ آندو وڃي. سندس چوڻ هو ته اسان چاهيون ٿا ته هڪ ريگوليٽيري ادارو بڻايون جيڪو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته ڪنهن به صحافي سان ڪا زيادتي نه ٿئي، ضابطن جي تحت سلهاڙيل رهن پر بدقمستي سان ٻنهي مخالف ڌر پارٽين مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي ان جي مخالفت ڪئي. هن چيو ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ان بل کي ڇو رد ڪيو ڇو ته هي بل صحافي برادري جي لاءِ هو، پاڪستان تحريڪ انصاف جي لاءِ ته نه هو ۽ اسان چاهيون ٿا ته صحافي ۽ هن جو روزگار محفوظ رهيو ۽ توهان جنهن به اداري سان سلهاڙيل آهي اُهو تعلق قانوني هجي. هن چيو ته ڪجهه اهڙا ادارا آهن جنهن ۾ ملازمن کي ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون ناهن مليون، اڄ ڪلهه جي دور ۾ هڪ مهيني جي پگهار به نه ملڻ عذاب آهي، ان ڪري اسان پنهنجي وسان جيڪي ادائيگيون ميڊيا کي ڪرڻيون هيون اُحي ڪنهن حد تائين ڪري ڇڏيون. شبلي فراز جو چوڻ هو ته هن هفتي به اسان 5 ڪروڙ رپيا اشتهارن جي مد ۾ ڏئي رهيا آهيون، آئون اپيل ڪيان ٿو ته ملازمن جون پگهارون ڪنهن به صورت ۾ التوا جو شڪار نه ٿيڻ گهرجن ڇو ته اِهو ڏاڍو تڪليف ڏيندڙ عمل آهي. هن چيو ته مخالف ڌر پاڻ هڪ ٻئي جي دشمن آهي، هڪ هئي پي ڊي ايم جي سڃاتي ويندڙ تحريڪ پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ ان مان ظاهر اِهو ئي ٿيو ته ماڻهو به اهڙي تحريڪ جو نٿا ڏين جنهن جو ڪو اخلاقي بنياد هجي جهڙي توهان جي تحريڪ هئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *