سينيٽ چونڊون 5 مارچ تي ٿينديون، بيلٽ پيپر جي ڇپائي جو ڪم شروع، اڄ روانگي ٿيندي

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ چونڊون 5 مارچ تي ٿينديون ان ڏس ۾ 52 سيٽن تي ميمبرن جي چونڊ لاءِ بيلٽ پيپر جي ڇپائي جو عمل شروع ٿي چڪو آهي تفصيل مطابق سينيٽ چونڊون پنج مارچ تي ٿينديون پنجاب ۽ سنڌ جي 11-11 سيٽن تي اميدوارن جي چونڊ ٿيندي بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي سيٽن تي چونڊون ٿينديون جنهن لاءِ لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي  جا ميمبر ووٽ وجهي سگهندا فاٽا جي چئن سينيٽرن جي چونڊ فاٽا جا قومي اسيمبلي ميمبر ڪندا جڏهن ته وفاقي گادي واري هنڌ مان ٻن اميدوارن جي چونڊ قومي اسيمبلي ميمبر ڪندا خانگي ٽي وي مطابق 4000 بيلٽ بيپرز پرنٽنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ ڇپايا پيا وڃن سنڌ ۽ بلوچستان جا بيلٽ پيپر سنڌ ۾ ڇپجي رهيا آهن پنجاب جي بيلٽ پيپرن جي ڇپائي جو ڪم پنجاب ۾ ٿي رهيو آهي فاٽا خيبرپختونخواهه اسلام آباد جا بيلٽ پيپر اسلام آباد ۾ ڇاپجي رهيا آهن جنرل سيٽن لاءِ اڇو رنگ عورتن لاءِ گلابي رنگ جا بيلٽ پيپر سينيٽ چونڊن ۾ استعمال ٿيندا عالمن ۽ ٽيڪنوڪريٽس لاءِ حلقو سائو رنگ ۽ اقليتن لاءِ پيلو بيلٽ پيپر چونڊن ۾ استعمال ٿيندو ذريعن مطابق بيلٽ پيپرن جي ڇپائي 24 ڪلاڪن اندر ٿي ويندي روانگي اڄ شروع ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *