سينيٽ چونڊون: پنجاب ۾ ن ليگ، سنڌ ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جا سمورا ميمبر ڪامياب

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب اسلام آباد جي ٻن سيٽن ۽ پنجاب جي 11 ئي سيٽن تي  نواز ليگ جا سينيٽر ڪامياب ٿي ويا آهن. غيرحتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب نواز ليگ جي اسلام آباد مان اميدوار اقبال ظفر جهڳڙا 211 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، عورتن جي سيٽ تي نوازليگ جي اميدوار راحيلا مگسي 205 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي وئي آهي. اقبال ظفر جهڳڙا جي سامهون بيٺل پ پ اميدوار عمران اشرف کي 68 ووٽ مليا ۽ راحيلا مگسي سامهون بيٺل پيپلزپارٽي جي اميدوار نرگس فيض ملڪ رڳو 71 ووٽ حاصل ڪري سگهي. اسلام آباد ۾ جنرل سيٽ تي ڪاسٽ ڪيل ووٽن مان 11 ۽ عورتن واري مخصوص سيٽ تي ڪاسٽ ٿيل ووٽن مان 14 ووٽ رد ڪيا ويا. سينيٽر طور ڪاميابي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اقبال ظفر جهڳڙا ۽ راحيلا مگسي چيو ته هو وزيراعظم نواز شريف جي اعتماد تي پورا لهندا. غيرحتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب نوازليگ پنجاب مان سينيٽرز جون 11 ئي سيٽون حاصل ڪري ورتيون آهن. پنجاب مان عورتن جي سيٽن تي نواز ليگ جي عائشه رضا فاروق ۽ بيگم نجمه حميد ڪاميابي ماڻي آهي. پنجاب ۾ سينيٽرز جي جنرل سيٽن تي نواز ليگ جي نهال هاشمي، سليم ضياءَ، چوڌري تنوير خان، مشاهدالله، پرويز رشيد، عبدالقيوم ۽ ڊاڪٽر غوث محمد ڪامياب ٿي ويا آهن، ٽيڪنوڪريٽ جي سيٽن تي نواز ليگ جو راجا ظفر الحق ۽ پروفيسر ساجد مير ڪامياب ٿيا آهن. اسلام آباد جي ٻن سيٽن لاءِ 260 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيو، پنجاب ۾ 338 ووٽن مان 335 ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا ، ٻئي طرف سنڌ مان سينيٽ جي 7 جنرل سيٽن لاءِ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جا سمورا اميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن، اپوزيشن جي واحد اميدوار امام الدين شوقين کي صرف 13 ووٽ مليا آهن ۽ هو هارائي ويٺو آهي، هي اعلان خميس تي سنڌ اسيمبلي ۾ سنيٽ جي چونڊن کانپوءِ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ ۽ ريٽرنگ آفيسر ايس ايم طارق قادري پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو، ان موقعي تي پولنگ آفيسر تنوير زڪي، عطاءُ الرحمان، نعيم احمد، نديم حيدر، مسعود قريشي، سيد راشد حسين ۽ اليڪشن ڪميشن سنڌ جو ٻيو عملو موجود هو، نتيجن مطابق 7 جنرل سيٽن تي پ پ جا 5 اميدوار اسلام الدين شيخ، سليم مانڊي والا، گيانچند، عبدالطيف انصاري، عبدالرحمان ملڪ ۽ ايم ڪيو ايم جا 2 اميدوار ميان عتيق ۽ خوش بخت شجاعت ڪامياب ٿيا. ٽيڪنوڪريٽس جي ٻن سيٽن تي پيپلز پارٽي جو فاروق ايڇ نائڪ ۽ ايم ڪيو ايم جو بئريسٽري سيف، عورتن لاءِ مخصوص ٻن سينيٽ تي پ پ جي سسئي پليجو ۽ ايم ڪيو ايم جي نگهت مرزا اڳواٽ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن، اهڙي طرح پ پ 7 ۽ ايم ڪيو ايم 4 سيٽون حاصل ڪيون آهن. صوبائي اليڪشن ڪمشنر پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ڪل 167 مميبر ووٽ جا اهل هئا جن مان 163 ميمبرن ووٽ ڪاسٽ ڪيو، نيتجن مطابق پهرين ترجيح ۾ اسلام الدين شيخ 24، خوش بخت شجاعت 22 ۽ ميان محمد عتيق 22، گيانچند 21 ووٽن سان ڪامياب ٿيا، پهرين ترجيح ۾ رحمان ملڪ 20 ووٽن سان ستين ۽ عبدالطيف انصاري 20 سان ڇهين پوزيشن تي رهيو، جڏهن ته ٻي ترجيح ۾ هنن ٻنهي کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، مسلم ليگ فنڪشنل ۽ مسلم ليگ ن جي گڏيل اميدوار کي امام الدين شوقين کي فقط 13 ووٽ مليا، ريٽرنگ آفيسر مطابق فارمولا 20.38 هو ۽ ووٽ ڪاسٽنگ جي شرح 97.60 سيڪڙو رهي، ايس ايم طارق قادري مطابق سمورن اميدوارن جي پولنگ ايجنٽن رزلٽ تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ حتمي زرلٽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان گوشوارا جمع ڪرائڻ کانپوءِ ڪندو، صوبائي اليڪشن ڪمشنر چيو ته اسان گذريل رات پولنگ اسٽيشن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي ڇڏيو هو ۽ هتي صبح کان ئي اسان جو عملو موجود رهيو، صبح 9 وڳي پولنگ قرآن پاڪ جي تلاوت سان شروع ٿي، هڪ وڳي تائين پولنگ جو عمل سست نظر آيو ۽ هڪ وڳي کانپوءِ تيز ٿيو، سوا چار وڳي تائين 163 ووٽ ڪاسٽ ٿيا، غير حتمي نتيجن مطابق ڪامياب ٿيندڙ مان 5 جو تعلق پ پ ۽ 2 جو ايم ڪيو ايم سان آهي، نتيجن کانپوءِ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن اسيمبلي ۾ جشن ملهايو ۽ نعرا هنيا، پ پ جا مميبر نه جهڪڻ وارو آصف زرداري نه وڪامڻ وارو آصف زرداري سڀ پي ڀاري جا نعرا هڻندا رهيا، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جا ميمبر جئي متحده، جئي الطاف جا نعرا هڻي رهيا هئا، انهن ڪاميابي جي خوشي ۾ مٺائي به ورهائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *