سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي نه ڪرايون وينديون: سپريم ڪورٽ راءِ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد  (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس تي پنهنجي راءِ ڏيندي چيو آهي ته سينيٽ چونڊون آئين جي آرٽيڪل 226 جي موجب ڳجهي راءِ شماري جي ذريعي ٿيندي. عدالت عظميٰ جي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ لاءِ صدارتي ريفرنس جي ذريعي گهريل راءِ تي پنهنجي راءِ ڏني. ان 5 رڪني بينچ ۾ چيف جسٽس گلزار احمد سان گڏوگڏ جسٽس مشير عالم، جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس يحيٰ آفريدي به شامل هئا. سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ 4 جي اڪثريت راءِ ڏني ۽ چيف جسٽس راءِ پڙهي ٻڌائي ۽ ٻڌايو ته جسٽس يحيٰ آفريدي ان راءِ سان اختلاف ڪيو. عدالت عظميٰ پنهنجي 8 صفحن تي ٻڌل مختصر لکت واري راءِ ۾ لکيو ته سينيٽ جون چونڊون آئين ۽ قانون جي تحت ٿينديون آهن. راءِ ۾ لکيو ويو ته هي آئين جي آرٽيڪل 218 (3) جي تحت اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته ديانتداري، منصفاڻي ۽ شفاف چونڊ يقيني بڻائي ۽ قانون جيموجب ڪرپٽ پريڪٽسز سان ان جو تحفظ ڪري. عدالت عظميٰ اليڪشن ڪميشن راءِ ڏني ته شفاف چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري سگهجي ٿو گڏوگڏ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي لاءِ ضروري آهي ته هو آئيني ذميواري تي عمل ڪندي ٽيڪنالاجي سميت موجود سمورا قدم کڻي جيئن ديانتداري، منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان چونڊون يقيني بڻائي سگهن ۽ ڪرپٽ پريڪٽسز سان ان جو تحفظ ڪجي. عدالتي راءِ ۾ چيو ويو آهي ته سمورا ادارا اليڪشن ڪميشن جا پابند آهن. چيف جسٽس جي لکت واري راءِ ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ  آئين ۾ ترميم ڪري سگهي ٿو جڏهن ته بيلٽ پيپر جو ڳجهي هئڻ حتمي ناهي.  هن چيو ته ووٽ هميشه ڳجهو نٿو رکي سگهجي، سپريم ڪورٽ 1967ع ۾ نياز احمد ڪيس جو فيصلو ڏئي چڪي آهي. اڪثريتي راءِ ۾ عدالت چيو ته جيستائين بيلٽ جي رازداري جو معاملو آهي عدالت جي 5 رڪني بينچ نياز احمد، عزيز الدين ۽ ٻين جي 1967 جي ڪيس ۾ پهرين ئي فيصلو ڏنل آهي جنهن ۾ اِهو قرار ڏنو ويو آهي ته رازداري موجب ناهي ۽ ان ڪري بيلٽ جي رازداري مثالي يا حتمي معنائن ۾ لاڳو نه ڪئي. وڌيڪ اِهو ته جسٽس يحيٰ آفريدي مختصر اختلافي نوٽ ۾ لکيو ته ڄاڻايل ريفرنس ۾ پاڪستان جي صدر طرفان گهريل راءِ آئين جي آرٽيڪل 186 تي غور ڪرڻ تي قانوني سوال نٿو بڻجي ۽ انهيءَ ڪري ان کان سواءِ جواب کي واپس ڪري ڇڏيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *