سينيٽ چونڊن ۾ هارس ٽريڊنگ ناهي ٿي، ف ليگ وٽ 10 ووٽ هئا کيس 13مليا: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪنهن قسم جي هارس ٽريڊنگ نه ٿي آهي. مسلم ليگ فنڪشنل وٽ 10 ووٽ هئا ۽ انهن کي 13 ووٽ مليا آهن. مسلم ليگ ن ۽ ٻين جماعتن جو ڪوبه اميدوار نه هو ان لاءِ انهن جا ووٽرز آزاد هئا ته هو ڪنهن به اميدوار کي جنهني هو بهتر سمجهن انهن کي ووٽ ڏنا آهن. اسان انفرادي طور تي سڀني کان ووٽ گهريا هئا. هو خميس تي سنڌ اسيمبلي ٻاهران سينيٽ جي چونڊ نتيجن  جي اعلان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ ۽ ناڪام ٿيندڙ پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي ميمبرن کي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته مسلم ليگ فنڪشنل پاران هارس ٽريڊنگ جا الزام نه صرف رد ڪريان ٿو بلڪ انهن کان اهو پڇان ٿو ته انهن جي اميدوار کي انهن جي 10 ووٽن جي مقابلي ۾ 13 ووٽ ڪهڙي ريت مليا ويا. هن چيو ته سينيٽ جي چونڊن ۾ مسلم ليگ ن پنهنجي اميدوار کي پهريان ئي دستبردار ڪرائي ڇڏيو هو ۽ ان کان پوءِ پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ فنڪشنل جائي اميدوار ميدان ۾ هئا ۽ عددي طور تي اها ڳالهه واضح هئي ته مسلم ليگ فنڪشنل جنهن وٽ 10 ووٽرز هئا جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وٽ عددي طاقت پوري هئي. هن چيو ته مسلم ليگ ن سميت سنڌ اسيمبلي ۾ موجود ٻين سياسي جماعتن جو ڪوبه اميدوار ان چونڊن ۾ حصو نه وٺي رهيا هئا، جنهن کان پوءِ انهن جي ووٽرز ڪنهن به اميدوار کي ووٽ ڏيڻ لاءِ آزاد هئا. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ وزيراعليٰ سنڌ پنهنجون ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جلد ئي هن صوبي کي دهشتگردن، پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ طالبان دهشتگردن کان پاڪ ڪري ئي ساهه کڻنداسين. هن چيو ته اسان جي پوليس ۽ رينجرز صوبي ۽ خاص ڪري ڪراچي ۾ امن امان جي قيام لاءِ مستقل ڪم ڪري رهي آهي ۽ انهن جي ڪارڪردگي جي ڪري ڪراچي ۾ سالن کان جاري بدامني ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي ٿي آهي ۽ مختلف وڏن وڏن ڪيسن ۾ ملوث جوابدارن کي پڪڙيو پيو وڃي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي حڪومت ۾ شموليت جي حوالي سان عبدالرحمان ملڪ ئي واضح طور تي ٻڌائي سگهي ٿو ڇو ته ايم ڪيو ايم بابت سموري معلومات اهو طئي ڪري رهيو آهي ۽ ان تي پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ٻنهي جو مڪمل اعتماد آهي. اسان جا ايم ڪيو ايم سان رابطا پهريان به بهتر هئا ۽ هاڻ به بهتر آهن ۽ ڪنهن قسم جو ڪوبه ڊيڊ لاڪ نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *