سينيٽ چونڊن لاءِ ڇپائي مڪمل، بيلٽ پيپرز صوبن ڏانهن موڪليا ويا

اسلام آباد (بيورو) اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊن لاءِ ڇپائي مڪمل ڪري بيلٽ پيپرز صوبن ڏانهن موڪلي ڇڏيا، وفاق ۽ فاٽا لاءِ هڪ هزار بيلٽ پيپرز ڌار ڇپرايا ويا  آهن، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته چونڊن جي نگراني ريٽرننگ آفيسر ڪندا، ميمبرز کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ بيچ لازمي آڻڻو پوندو. سڀاڻي ٿيندڙ سينيٽ چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن بيلٽ پيپرز جي ڇپائي مڪمل ڪري ورتي آهي، چئني صوبن لاءِ 4 هزار کان وڌيڪ بيلٽ ڇاپي صوبائي اسيمبلين جي سيڪريٽريٽ ڏانهن موڪليا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن موجب، وفاق ۽ فاٽا لاءِ هڪ هزار ڌار بيلٽ پيپر ڌار ڇاپيا ويا آهن، جڏهن ته عورتن جي مخصوص سيٽ لاءِ ڇاپيل بيلٽ پيپرز جو رنگ گلابي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب، چونڊن دوران اسيمبلين کي پولنگ هال جو درجو ڏنو ويندو ۽ چونڊن جي نگراني ريٽرننگ آفيسر ڪندا. اليڪشن ڪميشن، چونڊن دوران ووٽر جي موبائيل فون سميت ڪا به  اليڪٽرانڪ ڊوائيس کڻي اچڻ تي پابندي  لاڳو ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته چونڊن دوران ووٽرن لاءِ بيچ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، بيچ نه کڻي ايندڙ ميمبرز کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *