سينيٽ چونڊن لاءِ هڪ پليٽفارم تي آهيون: زرداري، فضل الرحمان

اسلام آباد(بيورو): پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صد رآصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان جي ملاقات ٿي آهي ملاقات کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سينيٽ چونڊن جي معاملي تي جي يو آءِ ف، پيپلز پارٽي ۽ اي اين پي هڪ پليٽ فارم تي آهن، ان موقعي تي آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته مولانا فضل الرحمان اڄ دعوت ڏني ان جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، هن وقت ماحول سينيٽ اليڪشن جو آهي، ان تي به ڳالهيون ٿيون، پيپلز پارٽي 22 هين ترميم جي مخالفت ڪئي آهي هميشه جمهوري تجو ساٿ ڏنو جمهوريت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهيون اسان سڀني جو پاڪستان آهي، سڀني کي سنڀالڻو آهي، عام چونڊن جي حوالي سان ان جو چوڻ هو ته اسان کي خبر آهي ته ڪهڙي قسم جي اليڪشن ٿي پر سڀني کي خبر آهي ته ڪهڙي طرح چونڊون ٿيون چونڊون خدشن سان قبول ڪوين، چونڊن تي وائٽ پپير جاري ڪنداسين، آصف زرداري جو ان موقعي تي اهو به چوڻ هو ته ڪالهه تائين جيڪي وزيراعظم هائوس سامهون بيٺل هئا اڄ اسيمبلي اچن چاهين ٿا تحريڪ انصاف کي پارليامينٽ ۾ آڻن منهنجي ذ۾يواري ناهي هن ميڊيا کي طاقتور قرار ڏيندي چيو ته  ميڊيا سڀني کان وڏي طاقت آهي، ميڊيا جمهوريت کي بچائي، مولانا فضل الرحمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آصف زرداري سان ملاقات خير سگالي طور تي ٿي آهي، ملاقات جي وڏي سياسي ايجنڊا نه هئي، موجوده صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *