سينيٽ لال مسجد جي خطيب مولانا عبدالعزيز تي داخل ڪيسن جا پيش ڪيل تفصيل گهرو وزارت ڏانهن اماڻي ڇڏيا

اسلام آباد (بيورو) ڪراچي ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ خلاف ايم ڪيو ايم ميمبرز جو سينيٽ مان علامتي واڪ آئوٽ ڪيو، سينيٽر طاهر مشهدي چيو آهي ته دنيا ۾ تيلن جون قيمتون گهٽجڻ باوجود ڪراچي جي عوام تي مهانگائي جو پهاڙ ڪيرايو پيو وڃي. سينيٽ جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. ڪراچي ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ خلاف ايم ڪيو ايم ميمبرز سخت احتجاج کانپوءِ ايوان مان علامتي واڪ آئوٽ ڪيو. ايم ڪيو ايم جي سينيٽر طاهر مشهدي چيو ته دنيا ۾ تيلن جون قيمتون گهٽجڻ باوجود ڪراچي جي عوام تي مهانگائي جو پهاڙ ڪيرايو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت عوام کي سهولتون ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ڪراچي جا شهري ڳرا بل ڀرڻ تي مجبور آهن، جيڪو ظلم آهي. پ پ جي فرحت الله بابر گهرو وزير چوڌري نثار جي بيان کي رد ڪندي چيو ته مولانا عبدالعزيز خلاف 2014ع ۾ ڪيس داخل ٿيڻ سان گڏ سندس گرفتاري وارنٽ جاري ٿيا هئا. هن چيو ته گهرو وزير چوڌري نثار چوي ٿو ته مولانا عبدالعزيز خلاف ڪوبه ڪيس داخل ناهي، هو مولانا تي ڪيس داخل ٿيڻ جا ثبوت کڻي آيو آهي. متحده جي طاهر مشهدي چيو ته مولانا عبدالعزيز اسلام آباد ۾آرام سان ويٺو آهي ۽ ڪراچي ۾ پارليامينٽ جي ميمبرز خلاف ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن. جماعت اسلامي سراج الحق افغان پاليسي بابت آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته وزيرا عظم ايوان کي آگاهه ڪري ته نيشنل ايڪشن پلان تي ڪيتري حد تائين عملدرآمد ٿيو آهي. هن چيو ته لال مسجد ۾ 6 سئو شآگردن جي مارجڻ جي افواهون پکيڙيون ويون، پر اڄ تائين سرڪاري سطح تي ڪوبه بيان ناهي آيو. جي يو آءِ جي مولانا عطاءُ الرحمان چيو ته قومي ايڪشن پلان جي نالي تي مدرسن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، حڪومت دهشتگردن خلاف ڪارروائيون ڪرڻ بدران ديني مدرسن کي ٽارگيٽ بڻايو آهي. سينيٽ ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته ڊپٽي چيئرمين اجلاس جي ڪارروائي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *