سينيٽ جون چونڊون 3 مارچ تي ٿينديون، سياسي جماعتن مشاورت جو عمل تيز ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ جون چونڊون 3 مارچ تي ٿينديون، مسلم ليگ ن، پ پ، ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ ف ۽ تحريڪ انصاف سميت سمورين سياسي جماعتن ٽڪيٽن جي ورهاست ۽ اميدوارن جي چونڊ جي سلسلي ۾ مشاورت جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي، سينيٽ جي چئني صوبن مان 11،11 وفاقي گادي واري شهر مان 2 ۽ فاٽا ۾ چئين ميمبرن جو تناسب نمائندگي جي بنياد تي چونڊ ڪيو ويندو، چونڊن ۾ مسلم ليگ ن اڪثريت جماعتي طور آڏو اچڻ جو امڪان آهي، تفصيل مطابق  سينيٽ جون چونڊون 3 مارچ تي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل شيڊول مطابق نامزدگي فارم 12 ۽ 13 فيبروري تي جمع ڪرايا ويندا، نامزدگي فارم جي جاچ پڙتال 16 ۽ 17 فيبرروي تي ٿيندي، اميدوارن جي حتمي لسٽ 25 فيبروري تي جاري ڪئي ويندي، سينيٽ جي 52 سينٽن لاءِ پولنگ 3 مارچ تي ٿيندي، چئني صوبن م سنيٽ جي 11،11 سيٽن لاءِ پولنگ صوبائي گادي وارن شهرن، جڏهن ته فاٽا ۽ وفاقي گادي واري هنڌ جي سينيٽ چونڊن لاءِ پولنگ قومي اسيمبلي هال ۾ ٿيندي، اليڪشن ڪميشن مطابق هر صوبي ۾ 11 سيٽن مان 7 عمومي ۽ 2 علماءِ ۽ ٽيڪنوڪريٽس ۽ 2 سينٽون عرتن لاءِ مخصوص هونديون، وفاقي گادي واري شهر مان هڪ عمومي، عڪ عورت، فاٽا لاءِ 4 ۽ اقليتين لاءِ 2 سينٽيون هونديون، 12 مارچ تي سينيٽ جا 50 سيڪڙو ميمبر مدو پورو ٿيڻ تي رٽائرڊ ٿيندا، جنهن کانپوءِ ڪل 52 سينٽن تي چونڊ ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *