سينيٽ اليڪشن، ن ليگ جي 4 اميدوارن جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض، فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو) سينيٽ چونڊ لاءِ اميدوارن جي ڪاغذن جي جانچ پڙتال جو عمل جاري آهي جڏهن ته حڪمران جماعت جي اميدوارن پرويز رشيد، راجا ظفرالحق ۽ پروفيسر ساجد مير جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض واريا ويا جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. جڏهن ته فاٽا جي 21 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا آهن. سينيٽ چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي جاچ جي پهرئين ڏينهن لاهور ۾ 12 اميدوارن جا ڪاغذ منظور ۽ 2 جا رد ٿي ويا جڏهن ته مسلم ليگ ن جي راجا ظفرالحق، پرويز رشيد، سعود مجيد، عبدالقيوم ۽ سجاد مير جي ڪاغذن تي اعتراض سامهون اچي ويا، سينيٽ اليڪشن لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي جاچ جو سلسلو شروع ٿيندي ئي اليڪشن ڪميشن پنجاب آفيس گهما گهمي جو مرڪز بڻجي ويو پهرئين ڏينهن جن اميدوارن جا ڪاغذ منظور ٿيا انهن ۾ مسلم ليگ ن جو مشاهد الله خان، چوڌري تنوير، غوث محمد نيازي، نهال هاشمي، خواجه محمود احمد، سليم ضياءَ، ملڪ نوشير، نجمه حميد، ڪرن ڊار، عائشه رضا فاروق شامل آهن پيپل زپارٽي جي اميدوارن مان نديم افضل چن ۽ ثروت ملڪ جا ڪاغذ به منظور ڪيا ويا، مسلم ليگ ن جي راجا ظفرالحق، پرويز رشيد، سعود مجيد، عبدالقيوم ۽ ساجد مير جي ڪاغذن تي اعتراض سامهون آيا آهن جڏهن ته آزاد اميدوارن ملڪ عبدالرحمان ۽ سرفراز قريشي جا ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *