سينيئر صوبائي وزير پاران لاڙڪاڻي جي مختلف اسڪولن جا دورا، انتظاميه کي معياري تعليم ڏيڻ جي هدايت

لاڙڪاڻو (اي پي پي) اطلاعات ۽ تعليم کاتن جي سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو ڪالهه لاڙڪاڻي شهر جي مختلف اسڪولن جا دورو ڪري تعليم کاتي جي عملدارن ۽ اسڪولن جي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن کي معياري تعليم ڏيڻ ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏي وڃي. سينيئر صوبائي وزير گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول چانڊڪا ڪالوني ۾ ٺاهيل ٻن واڌو ڪلاسن، ليويٽري بلاڪ، ڪمپائونڊ وال ۽ اسٽيل گيٽ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير اسڪول جي ڪلاس رومز جو دورو ڪيو ۽ اتي پڙهندڙ شاگردياڻين کان سوال جواب پڻ ڪيا. هن اسڪول جي هيڊمسٽريس ۽ ٻين ماسترياڻين کي هدايت ڪئي ته اسڪول ۾ ٻارن جي داخلا وڌايو ۽ شاگردياڻين جي حاضري يقيني بڻائي وڃي. هن اسڪول انتظاميه کي خاطري ڪرائي ته سندن باقي مسئلا به جلد حل ڪيا ويندا. ان بعد صوبائي وزير گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪينڊري اسڪول پهچي ايجوڪيشن ورڪس پاران لاڙڪاڻو پيڪيج تحت تيار ڪيل سائنس ليبارٽري جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي هن اسڪول انتظاميا کي هدايت ڪئي ته ليبارٽرين ۾ شاگردن کي پريڪٽيڪل ڪرائڻ لاءِ سموريون سهولتون ڏنيون وڃن. ان موقعي تي ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي عملدارن صوبائي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سائنس ليبارٽري تي ڪل لاڳت هڪ ڪروڙ 17 لک 57 هزار روپيه آئي آهي ۽ اهو ڪم وقت اندر مڪمل ڪري اسڪول انتظاميه حوالي ڪيو ويو آهي. نثار احمد کهڙو اسڪول جا ڪلاس رومز به گھمي ڏٺا ۽ شاگردن کان سوال پڻ پڇيا. جڏهن ته هن ڊرائنگ روم جو به معائنو ڪيو ۽ استادن کي هدايت ڪئي ته شاگردن جون ٺاهيل پئنٽنگز ۽ ڊرائنگ تي سندن نالا، اسڪول ۽ تاريخ لکي وڃي ته جيئن گھمڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن کي ڄاڻ ملي سگھي. صوبائي وزير چيو ته پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻو جو تاريخي تعليمي ادارو آهي جتي شاگردن کي بهترين ۽ معياري تعليم ملڻ گھرجي. هن چيو ته مان پاڻ هن اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي آهي. هتان پڙهي نڪرندڙ شاگردن زندگي جي مختلف شعبن ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي. هتي ماضي ۾ شاندار استاد رهي چڪا آهن جيڪي شاگردن تي وڏي محنت ڪندا هئا ۽ انهن جي محنت جي ڪري ئي سندن شاگرد اڄ اعليٰ مرتبي تي پهتا آهن. هن چيو ته هاڻوڪن استادن ۾ به پڙهائڻ وارو اهو چاھ هجڻ گھرجي ۽ سندن محنت سبب شاگرد پنهنجو ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪري سگھن ٿا. ان کانپوءِ صوبائي وزير نثار احمد کهڙو گورنمينٽ هاءِ اسڪول سينٽ جوزف ۾ واڌو ڪلاس رومز جو پڻ افتتاح ڪيو، جتي 45 لک هڪ هزار روپين جي لاڳت سان تيار ڪيا ويا آهن.صوبائي وزير اسڪول جي مختلف ڪلاس رومز جو دورو ڪيو، جتي ڪو ايجوڪيشن ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کان هن سوال جواب پڻ ڪيا. صوبائي وزير آءِ ٽي ليبارٽري جو پڻ معائنو ڪيو ۽ ان جا انتظام ڏسي واکاڻ ڪئي. ان بعد سينئر صوبائي وزير گرلز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي نئين تعمير ٿيندڙ بلڊنگ جو دورو ڪيو جتي ايجوڪيشن ورڪس کاتي جي سپرنٽنڊنٽ انجنيئر فيروزالدين صديقي ۽ ايڪسئين خليل شيخ کيس هلندڙ ڪم بابت بريفنگ ڏني. هن کين هدايت ڪئي ته ڪم جي معيار جو خاص خيال رکيو وڃي ان ڏس ۾ ڪا ڪوتاهي نه ٿيڻ گھرجي. ان بعد نثار احمد کهڙو بيگم نصرت ڀٽو گرلز ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي هلندڙ ترقياتي ڪم جو معائنو ڪندي هدايت ڪئي ته ڪم وقت سر مڪمل ڪيو وڃي، جنهن تي ايجوڪيشن ورڪس کاتي پاران خاطري ڪرائي وئي. ان بعد صوبائي وزير نظر محلي ۾ پ پ پ ڪارڪن آصف ابڙو سان سندس والد جي وفات تي گھر پهچي عذرخواهي ڪئي. دوري دواران پ پ پ اڳواڻ خيرمحمد شيخ، محمد اسلم شيخ، محمد امين شيخ، امير بخش گاد، علي مردان کوسو ۽ ٻيا پ پ پ اڳواڻ ۽ ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود هئا.ا

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *