سيلفيون هاڻي اسانجي زندگي جو حصو بڻجي ويون آهن : شاهه رخ خان

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان جو چوڻ آهي ته پهريان تصويرون ڪڍرائڻ عجيب لڳندو هو، پر هاڻي ائين معلوم ٿيئ ٿو  ته اسان سيلفين جي لاءِ زندگي وقف ڪري ڇڏي آهي ۽ اهي اسانجي زندگي جو حصو بڻجي ويون آهن، ڀارتي ميڊيا رپورٽ جي مطابق شاهه رخ خان هڪ انٽرويو ۾ جي دوران چيو ته هڪ وقت اهڙو هو جڏهن منهنجي فيملي کي ميڊيا جي طرف ڌياڻ ڏيڻ خراب لڳندو هو، پر هاڻي اسان ان کي پنهنجي زندگي جو حصو سمجھون ٿا،جڏهن ته اسان سيلفين ۽ تصويرن جي لاءِ زندگي وقف ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته ميڊيا جي توجه کان بچڻ جي لاءِ مان ٻارن کي پڙهائي جي لاءِ پرڏيهه موڪليو آهي ۽ ان ۾ ئي پرجوش آهيان ته هو ٻاهر تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، ڪنگ خان چيو ته مان پنهنجي ٻارن کي سمجھايو آهي ته جڏهن به ڪير توهان جي تصوير وٺي ته ڪجھه دير بيهڻ کان پوءِ ان کان پڇو ته هاڻي اسان وڃي سگھون ٿا، هن چيو ته منهنجي ٻارن جون تصويرون ڪڍڻ مونکي سٺو نه ٿو لڳي هن چيو ته تصويرون توهان کي اهم نه ٿيو بڻائن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *