سيف علي خان ،ڪترينا ڪيف کي بهترين ۽ سڀ کان وڌيڪ سهڻي اداڪارا قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز): بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان باربي ڊول ڪترينا ڪيف کي فلم نگري جي بهترين ۽ سڀ کان وڌيڪ سهڻي اداڪارا قرار ڏنو آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق سيف علي خان پنهنجي نئين ايندڙ فلم فينٽم جو ٽريلر جاري ڪرڻ جي موقعي تي چيو ته ڪترينا ڪيف بهترين اداڪارا آهي، جنهن سان هو پهرين به فلم ريس ۾ ڪم ڪري چڪو آهي، سندس چوڻ هو ته ڪترينا بالي ووڊ جي رڳو بهترين اداڪارا ئي ناهي پر سڀ کان وڌيڪ سهڻي اداڪارا به آهي، هوءَ جنهن جي به همسفر ٿيندي اهو وڏو خوشنصيب هوندو. سيف علي خان چيو ته ڪترينا پنهنجي فلمن ۾ بهترين اداڪاري لاءِ وڏي محنت ڪندي آهي ۽ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ سٺو لڳندو آهي، پنهنجي فلم فينٽم جي حوالي سان ننڍي نواب جو چوڻ هو ته کيس ان قسم جون ٿرلر فلمون ڪرڻ ڏاڍو وڻندو آهي. واضح رهي ته ڪترينا ۽ سيف علي خان جي فلم فينٽم دهشتگردي جي موضوع تي آهي، جيڪا 28 آگسٽ تي رليز ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *