
روم (اسپورٽس نيوز) آمريڪا جي نالي واري ٽينس اسٽار ۽ عالمي نمبر ون سيرينا وليمز اٽالين اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو وومينز سنگلز ايونٽ کٽي ورتو آهي، هن فائنل ۾ هم وطن ميڊيسن ڪيز کي هارائي 2002ع کان پوءِچوٿون ڀيرو ڊبليو ٽي اي ٽائيٽل کٽي ورتو، اٽلي ۾ جاري ڊبليو ٽي اي ايونٽ ۾ کيڏيل فائنل ميچ ۾ سيرينا ويلمز روايتي راند پيش ڪندي هم وطن ميڊيسن ڪيزکي هارائي ٽورنامينٽ کٽي ورتو، سيرينا وليمز چوٿون ڀيرو ايونٽ پنهنجي نالي ڪيو آهي.