سيد ناصر حسين شاهه پاران ايس آئي يو ٽي جو دورو، هميشه وانگر اداري جي هر ممڪن مدد جي خاطري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، بلديات ۽ وائلڊ لائف واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه اڄ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ٽرانسپلانٽيشن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر اديب رضوي  سيد ناصر حسين شاهه جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کيس اداري پاران حڪومت سنڌ کي گذارش ڪندي وڌيڪ اضافي جاءِ لاءِ دررخواست ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير (ايس آئي يو ٽي) جي انتظاميا کي مڪمل تعاون ڪرڻ جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته مان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي صحت جي اعليٰ اداري جو دورو ڪرڻ آيو آهيان سنڌ حڪومت پهرين ئي اداري جي مدد ڪئي آهي ۽ آئنده به مدد ڪئي ويندي. سيد ناصر حسين شاهه ڊاڪٽر اديب رضوي کي يقين ڏياريو ته هميشه وانگر اداري کي اوليت ڏيندي هر ممڪن صحت جون سهولتون ۽ گهربل اضافي جاءِ لاءِ عملي قدم کڻندي دوري کانپوءِ ڊاڪٽر اديب رضوي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه کي هڪ ڪتابن جو سيٽ تحفي طور ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *