لاهور/ اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وچ ۾ ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وچ ۾ ملاقات وزيراعظم آفيس ۾ ٿي. ملاقات ۾ ملڪي سلامتي جي صورتحال سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خنا چيو آهي ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف اين آر او ڏئي ن ليگ ۽ پ پ کي بچايو پر هاڻ ڪنهن جي سفارش نه هلندي. وزيراعظم جي صدارت هيٺ سمگلنگ جي روڪٿام بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، گهرو وزير اعجاز شاهه ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ راڻا ثناءُ الله جي گرفتاري کانپوءِ جي صورتحال، سمگلنگ جي روڪٿام ۽ حددخلين تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جڏهن ته گهرو وزارت ۽ ايف بي آر اختيارين بريفنگ به ڏني. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت 14 ارب ڊالرن جا ڪمرشل قرضا ورتا هئا ۽ انهن قرضن جو سود وڌيڪ هو، اسان جي حڪومت کي ملڪ جو سڀ کان وڏو خسارو مليو ۽ هيل تائين اسان 10 مهينن ۾ 10 ارب ڊالر ڏئي چڪا آهيون، جيڪڏهن نه ڏيون ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها، ملڪ جو ڏيوالو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ گڏيل عرب امارتن، قطر ۽ سعودي عرب اسان جي مدد ڪئي. سندس چوڻ هو ته اڳوڻن دورن ۾ رپئي کي هٿرادو طور مٿي رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، گذريل حڪومت رپئي کي مٿي رکڻ لاءِ هڪ سال ۾ 7 ارب ڊالر خرچ ڪيا، پي ٽي آءِ حڪومت سان آءِ ايم ايف ڊالر جو قدر وڌائڻ جو ڪو شرط نه رکيو، جون ۾ ڪلوزنگ ٿيندي آهي ان سبب انٽر بئنڪ ۾ ڊالر تي دٻاءُ هو، جيئن رپيو ڪِرندو آهي ڊالر جو اگهه وڌڻ شروع ٿي ويندو آهي. هن چيو ته اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ موجب پاڪستان مان هر سال 10 ارب ڊالر مني لانڊرنگ ذريعي ٻاهر ويندا آهن، ايتري وڏي پئماني تي مني لانڊرنگ نه ٿئي ها ته ملڪي حالتون هيئن نه هجن ها، ماضي جا سڀ حڪمران مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهن، انهن کي پاڪستان کي ڪا ڳڻتي نه هئي، آصف زرداري دبئي جا 40 چڪر هنيا ۽ هڪ سال ۾ 45 ٻاهريان دورا ڪيا، نواز شريف 64 ڪروڙ رپين جا ٻاهريان دورا ڪيا ۽ اڄ ملڪ کي ڪنگال ڇڏي ويندڙ اسان کان حساب گهري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته اسان ايان علي جهڙا واقعا روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڊالر جي سمگلنگ روڪڻ لاءِ اڄ سڀ کان وڏي ميٽنگ ٿي آهي، ماضي ۾ پرويز مشرف ن ليگ ۽ پ پ کي اين آر او ڏئي بچايو هو، ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ نقصان انهن اين آر او پهچايو پر هاڻ واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اين آر او لاءِ ڪنهن جي به سفارش نه هلندي.