اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي ملاقات ٿي. ذريعن موجب وزير اعظم ۽ آرمي چيف جي وچ ۾ ملاقات ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال سميت لائن آف ڪنٽرول جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن ٻڌايو ته ان اهم ملاقات ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.