سياسي ۽ عسڪري قيادت جو ڪراچي آپريشن ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد تيز ڪرڻ تي اتفاق

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف ڪراچي آپريشن جاري رکڻ ۽ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي سهولتڪارن کي ڪابه رعايت نه ڏني ويندي.آرمي چيف جنرل راحيل شريف وزيراعظم هائوس پهچي وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ دهشتگردن خلاف جاري ڪارروائين، ڪراچي آپريشن، تازين گرفتارين،قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد، ملڪي سلامتي ۽ سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ملاقات ۾ آمريڪي صلاحڪار ۽ جرمني پرڏيهي وزير جي دوري بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات دوران وزيراعظم ۽ آرمي چيف اتفاق ڪيو ته ڪراچي آپريشن ڏوهارين خلاف آهي، جيڪو سياسي مصلحت کان مٿانهون ٿي ڪري جاري رکيو ويندو ۽ دهشتگردن جي سهولتڪارن کي ڪابه رعايت نه ڏني ويندي.ملاقات ۾ قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد وڌيڪ تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف اتفاق ڪيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *