سياسي ۽ عسڪري قيادت، يمن جي صورتحال تي ڀرپور ڪردار ادار ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان سعودي عرب جي دفاع سميت ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ موثر ۽ نتيجو ڏيندڙ ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي هدايت تي بچاءُ وارو وزير، پرڏيهي صلاحڪار ۽ عسڪري اختيارين تي ٻڌل وفد سڀاڻي سعودي عرب ويندو. نوازشريف چيو آهي ته صورتحال تي اسلامي ملڪن جي اڳواڻن سان به رابطا ڪيا وڃن. يمن جي بگڙجندڙ صورتحال ۽ سعودي عرب جي سلامتي جي حوالي سان وزيراعظم نوازشريف جي صدارت ۾ اسلام آباد اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف، ايئرچيف مارسل سهيل امان، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه آصف، سرتاج عزيز ۽ بحريه جي وقتي سربراهه وائيس ايڊمرل خان هاشم شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نار جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي حدن جي تحفظ جي عزم کي ورجايو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو  ويو ته عوام جي خواهشن موجب پاڪستان مشرق وسطي جي ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ معنيٰ خيز ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم اسلامي دنيا جي اڳواڻن سان رابطو ڪندو. انهن سان رابطن جو مقصد مشرق وسطي ۾ امن، اتحاد کي هٿي ڏيڻ ۽ ڇڪتاڻ جو خاتمو آهي. اجلاس ۾ اُهو به مطالبو ڪيو ويو ته گڏيل قومن، او آئي سي ۽ عالمي برادري موجوده ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪري. ذريعن موجب اجلاس کان اڳ ۾ وزيراعظم نوازشريف سان پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز ملاقات ڪئي جنهن ۾ خواجه آصف ۽ اسحاق ڊار موجود هئا. ملاقات ۾ يمن جي صورتحال ۽ سعودي عرب جي دوري جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وي. ذريعن جو چوڻ هو ته خواجه آصف ۽ سرتاج عزيز سميت پاڪستاني وفد اڄ سعودي عرب ويندو. وفد ۾ سينيئر عسڪري اختياريون به شامل هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *